ڪراچي (م ڊ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه مريم نواز جي ٽوئيٽ کي سياسي قرار ڏئي ڇڏيو، وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو ته مريم نواز جي پارٽي سان اختلافن واريون خبرون بي بنياد آهن، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت سان پيٽروليم اگهن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اڳتي هلي قيمتون گهٽ ٿينديون، ڊالر به 190 رپين تي اچي ويندو، هڪ سوال تي خورشيد شاهه چيو ته اسان اليڪشن بابت عمران جي بيانيي تي ئي عمل ڪري رهيا آهيون، اليڪشن مقرر وقت تي ٿينديون، لنڊن ۽ دبئي جي سياست ۾ پاڪستان ۾ پراڻي آهي، ڪنهن به جماعت تي غيرقانوني طريقي سان پابندي جي خلاف آهيان.