اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڊيالا جيل پوليس پاران شهباز گل کي عدالتي حڪم باوجود اسلام آباد پوليس حوالي نه ڪرڻ تي حڪمران اتحاد سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهباز گل کي اسلام آباد پوليس جي حوالي نه ڪرڻ وارو قدم توهين عدالت آهي، عدالت جي واضح حڪم جي عمران خان ۽ پنجاب حڪومت توهين ڪئي، وفاقي پوليس جي ملزم کي عمران خان جي حڪم تي پنجاب حڪومت اغوا ڪري رهي آهي، پنجاب حڪومت ۽ پرويز الاهي هن وقت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نه ٿو وڃي سگهي، پر شهباز گل جي روبڪار لاءِ هن وقت پنجاب جي وزيراعليٰ هائوس ۾ قانون جا بکيا اڊيڙي رهيو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان ۽ وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته عمران خان ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عمران نيازي عدالتي فيصلي جي خلاف پنجاب جي ڪٺ پتلي وزيراعليٰ کي بيهاري ڇڏيو.