اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل جاويد شهبازگل جي بيان کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو، سينيٽ ۾ فيصل جاويد چيو ته شهباز گل کي اهو بيان نه ڏيڻ گهربو هو، ان تمام وڏي غلطي ڪئي ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، پر شهباز گل تي تشدد ڪيو ويو اهو قابل مذمت آهي،