اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ ڏوهارين جي حوالگي ۽ وطن واپسي جو معاهدو ٿي ويو، برطانوي گهرو سيڪريٽري پريتي پٽيل معاهدي تي صحيح ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مونکي فخر آهي ته پاڪستان سان جوابدارن جي حوالگي جو معاهدو ٿيو آهي. هن چيو ته ڏوهارين جي حوالگي جو معاهدو نئين برطانوي اميگريشن ڊيل جو حصو آهي. پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ ٿيل معاهدو صرف انهن شهرين تي لاڳو ٿيندو جن کي لاڳاپيل عدالتن مان سزا مليل هجي ۽ برطانيا پاڪستان کي گهربل ماڻهن بابت پهرين معلومات فراهم ڪندو. اهو معاهدو ٻٽي شهرت وارن تي لاڳو نه ٿيندو. پاڪستان ۾ برطانوي سفير ڪرسچن ٽرنر ان معاهدي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪافي عرصي کان ڪوششون ڪري رهيو هو. پاڪستان نئين معاهدي تحت پاڪستانين سميت شاگردن لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.