اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ايف آءِ اي جي نوٽيس تي جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ايف آءِ اي کي ٻن ڏينهن اندر نوٽيس واپس نه وٺڻ جي صورت ۾ ڪارروائي جو چتاءُ به ڏنو، ايف آءِ اي پي ٽي آءِ ۽ عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي فنڊز بابت تفصيل طلب ڪيا هئا، عمران خان ايف آءِ اي جي ڪمرشل بئنڪنگ سرڪل اسلام آباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڏانهن جواب اُماڻي ڇڏيو، جواب ۾ عمران خان نوٽيس کي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته ايف آءِ اي کي نه جوابده ۽ نه ئي ڄاڻ ڏيڻ جو پابند آهيان، ٻن ڏينهن ۾ نوٽيس واپس نه ورتو ويو ته ايف آءِ اي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.