ڪراچي:شمن علي ميراليءَ ڪيفي ثقافت ۾ ٻڌندڙن جي فرمائش تي جيڪي ڪلام پيش ڪيا انهن ۾ شاھ لطيف جو ڪلام، سچل سائين جي ڪافي، بلوچي ڪلام جند بيا مئين جاني موسم بهارين، دلين جا مالڪ او الا منهنجي يار جي پارت ٿئي، هي حسين زندگي ڪيئن گذري وئي ڪا خبر ئي نه پئي، اچ ڪينجهر تي ڪيٽي بندر تي ٿر ننگر تي، مارواڙي ڪلام ماري جانيئڙي ڪون سمجهائو ۽ عبدالغفار تبسم جو مشهور ڪلام سڪ سوز ۾ دل ساڙي ڪا سار ته لهبي آ شامل هئا.جن کي ٻڌندڙن تمام گهڻو پسند ڪيو ۽ کاتي جي آفيشل فيسبوڪ پيج تي پنهنجي پسنديدگيءَ بابت ڪمينٽس ڪندا رهيا. پروگرام جو ميزبان بخشڻ مهراڻوي هو.