شاگرد ڪمليش ڪمار عورت جو ڪردار نڀائڻ بعد سوشل ميڊيا تي ڇائنجي ويو: تنقيد ۽ تعريف

0
428
شاگرد ڪمليش ڪمار عورت جو ڪردار نڀائڻ بعد سوشل ميڊيا تي ڇائنجي ويو: تنقيد ۽ تعريف
شاگرد ڪمليش ڪمار عورت جو ڪردار نڀائڻ بعد سوشل ميڊيا تي ڇائنجي ويو: تنقيد ۽ تعريف

  شاگرد ڪمليش ڪمار عورت جو ڪردار نڀائڻ بعد سوشل ميڊيا تي ڇائنجي ويو، شاگرد ڪمليشن جي ڪردار واري وڊيو ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، ڪمليش جي ڪردار تي جتي تنقيد ٿي رهي آهي اهي ساراهه به خوب ٿي رهي آهي. اشوڪ ڪمار خاموش پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مذاق مستي جي به حد ٿيندي آهي….!!هڪ شاگرد ثقافتي ڏينهن تي سنڌي عورت جو اصل روپ عيان ڪرڻ لاءِ هڪ عورت جو ڪردار ادا ڪيو آهي. خوشي جهڙي ڳالهه اها آهي ته ان ايتري ايمانداري ۽ سچائيءَ سان ڪردار ادا ڪيو آهي جو هر حساب سان هڪ مڪمل عورت جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. اها آرٽ جي انتها آهي. پر مونکي سماج جي نوجوانن تي افسوس ٿو ٿئي ته مذاق مستي جي به حد ڪراس ڪري رهيا آهن. ڪنهن شاگرد جو ايترو به مذاق نه اڏائجي جيئن اهو وري ٻي دفعي پنهنجو فن عيان ڪرڻ کان ئي لهرائي وڃي

منهنجي خيال ۾ هن شاگرد جي عورت واري روپ کي هڪ سنڌي امڙ سمجهي ان جو احترام ڪيو ۽ شاگرد کي ننڍڙو ڀاءُ سمجهي حوصلو ڏيو جيئن سڀاڻي وري ان کان به بهترين ڪردار ادا ڪري. مهرباني ڪري ڪنهن شاگرد جو ايترو به مذاق نه اڏايو جو هو حوصلا شڪني جو شڪار ٿي وڃي. آئون هڪ استاد جي حيثيت سان انهن ٻنهي شاگردن جي ڪلا ۽ دلچسپي کي سلام ٿو پيش ڪريان. زبردست پيارا ڪمليش ڪمار، جنهن تي پرٿوي راج لکيو ته يقين مڃين ته ڇوڪر واھه جو، ڪردار ادا ڪيو آئون کيس جس ڏيان ٿو باقي قوم آھي ھي رونشي باز ته مُڙندي ڪانه ڀلي پيا مٿو ھڻو، ساگر بجير لکيو ته صبح کان ھي تصوير مختلف موضوعن تي ھلي رھي آھي ٻن ٽن دوستن کي مون چڱو خاصو ڪمنٽ لکي وري ڊليٽ ڪري ڇڏيو، ھينئر اوھان جي مثبت پوسٽ ڏسي ڏاڍي خوشيءَ ٿي، چندر سکاڻي لکيو ته جيڪو جيئن سمجهي پر ڪردار واقعي نڀايو آهي، جڳديش پرمار لکيو ته اهڙي خوبصورت ڪلا تي سلام پيش ڪجي ٿو، سنجي ميگهواڙ لکيو ته پاڻ وٽ حوصلا افزائي بجاءِ تنقيد يا مذاق مستي ۾ دلچسپي وٺندا آھن. وفا جان اوٺو لکيو ته بھترين آرٽ نوجوان منفرد انداز سان پرفارمنس ڪيو آھي ، شايد اتي عورت ھجي ھا به تڏھن اھڙو ڪردار نه نڀائي ھا، حق نواز لکيو ته سچ ٿا چئو، فن جو قدر ڪرڻ گهرجي ۽ شاگرد جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي پر اسان وٽ سنجيدگي گهٽ آهي

.ناصر حسين لکيو ته ڪيڏو نه پيارو لگي پيو پر اسان جو سماج دقيانسوي سوچ جو مالڪ آ ان کي ڪهڙي خبر آرٽ جي…!!!! سورج سنڌي لکيو ته پوسٽ پڙهي تڏهن خبر پئي ته اهو ڇوڪري نه بلڪي ڇوڪرو آهي ڪمال جو آرٽ اٿس اهڙي ڪلاڪار جي تعريف ڪرڻ گهرجي نه ڪي تنقيد، ايل جي راٺوڙ لکيو ته هن نوجوان اهي شيون متعارف ڪرايون آهن جيڪي وقت سان گڏ عورتون وساري ويٺيون آهن پائڻ جو رواج گهٽجي ويو آهي …. اڄڪلهه پاڻ وٽ پراڻي زماني جي عورتن کان سواءِ چوڙو،ڪنچڙو سميت قديمي ثقافتي شيون زوال پذير ٿينديون پيون وڃن گهٽ ۾ گهٽ اهي هن نوجوان پائي اسٽيج تي اهو پيغام ڏنو آهي ته پاڻ پنهنجين ثقافتي شين کي وقت سان گڏ وسارڻ نه کپن، يوسف ڪنڀر لکيو ته بلڪل اسان جي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جو رويو اهڙو جيڪو اتساهڻ ته ٺهيو پر طنز اهڙو ڪندا آھن ته انسان دل شڪستو ٿي ويندو آهي، المي ليول تي ڏٺو وڃي ته هاليووڊ ۽ باليووڊ فلمن ۾ ميل ايڪٽر کدڙن جو ڪردار ادا ڪندا آھن، اسان جي سماج ۾ ماڻهو پنهنجي گهرن وارن عورتن کانسواءِ ٻين عورتن کي يا عورت جي ڪردار کي هڪ بري سوچ سان ڏسندو آھي، بهرحال هن ڇوڪري اهڙي دور ۾ عورت ڪردار کي نڀايو آهي، هن ڇوڪري وٽ ڪمال جو فن آهي. غلام مصطفيٰ لکيو ته اسان جي ھن بيھوده معاشري ۾ عورت جو ڪردار ادا ڪرڻ کي به ماڻھو پسند نٿا ڪن، ساحل ٿري لکيو ته هي هڪ ڇوڪرو آهي ته هن جي اندر ۾ هڪ ڪمال جو آرٽسٽ لڪل آهي هن هڪ بهترين ڪردار ڪيو آهي .. هن جي ٽيلينٽ کي ضايع نه ڪرڻ کپي. هن جي هر فورم ٿي سپورٽ ڪرڻ گُهرجي .رام ڪولهي لکيو ته رجعت پرست ڌريون پرفارمنگ آرٽ ۾ فحاشي کي ڳولين ٿيون…ربنواز چانڊيو لکيو ته  اهو ساڳيو ڪردار انٽر ڪلاس ۾ مون ثقافت ڏهاڙي تي ٽيبلو پيش ڪيو، هو جنهن جي موٽ ۾ ڪنهن سٺا ڪمينٽس ڏنا ته ڪنهن ڪافي تنقيد ڪئي ان ڏينهن کان اهڙي ڪردار ڪرڻ کان دل کٽي ٿي وئي هتي ڪنهن قسم جي آرٽ جي هتي وليو ناهي، صدام اڪبر درس لکيو ته بلڪل انھن شاگردن جي محنت قابل تعريف آھي، انھن کي تنقيد بجاءِ تعريف ۽ حوصلا افزائي جي ضرورت آھي

اھڙا ٻار جن جون اھي صلاحيتون کين خوش مزاج رکن ٿيون، اڄ ڪلھه جي معاشري کي اھڙن خوش مزاج ڪردارن جي اشد ضرورت آھي ۽ انھن کي سلام پيش ڪجي ٿو. گلشن سنڌي به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي سني حميراڻي لکيو ته تنقيد ڪرڻ وارن کي شرم اچڻ گهرجي، باغ علي بجير لکيو ته ھڪ چوڻي آھي ته ڏيو نٿا ته ڏکايو به نه، ڪنھن به نوجوان جي فن جي سپورٽ جي بجاءِ مذاق ۽ ان جي فن جو اسان قتل ڪيون ٿا ..اھڙي سماج ۾ رھندڙ انسان ذات کي خدا عقل ۽ علم ڏي، نوجوان جي ڪردار ڪشي تي انتھائي مذمت ڪجي ٿي، قيمت والاسائي لکيو ته جيڪي مذاق ڪندا هوندا اُنهن کي آرٽ جو ٽڪي برابر علم هوندو ۽ نه وري اُنهن کي معاشري ۾ عورت جي اهميت بابت خبر هوندي. اهڙن حرڪتن تي هُو سنڌ جي ثقافت کي ڇا ڄاڻيندا هوندا تنهن تي حيف هُجي هي ڀل کڻي ڇوڪرو آهي پر ان جي جڳهه ڪو خوبصورت ڪردار نياڻي هُجي ته ڇا اُن جو ايئن ئي مذاق ڪيو ويندو، خدارا پاڻ ڪجهه نٿا ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ ٻين کي پروموٽ ڪرڻ بجاءِ مذاق ته نه اڏائيون، فن کي مانائتي موٽ ملڻ گهرجي. نوجوانن جي هر ميدان ۾ حوصلا افزائي ڪئي وڃي. عبدالحڪيم ڀوت، سريش ڪمار، سنتوش گلاب، چمن لال، راشد علي جت، مڌن لال، نندلال پريماڻي، خوشحال موتيرام به ردعمل ڏنو. حڪم سنگهه راجپوت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تصوير ۾ نظر ايندڙ عورت نه پر سنڌ جو آرٽ آهي هي هڪ ڇوڪرو آهي جنهن عورت جو ڪردار نڀايو آهي، امر رائيسنگهه راجپوت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٿر جو آيوشمان کُرانا؛ ڪَمليش ڪُمار: ڪنهن به آرٽسٽ جي حوصلي افزائي ڪرڻ کپي نه ڪي حوصلي شڪني، اسان وٽ اُلٽي گنگا آھي. ڪلهه کان سوشل ميڊيا تي هن نوجوان جي ادا ڪيل آرٽ جو مذاق اُڏايو پيو وڃي، ائين نه ڪرڻ کپي..!اچو ته هن ڪَلا جو قدر ڪريون، ۽ ڪَمليش ڪُمار جي هن لاجواب آرٽ ۽ سندس قدرتي سُونهن جي ساراھه ڪريون.. هن کي ڪَلا به قدرت ڏني آھي ته رُوپ به ڏاتار جي ڏيا آھي، جنهن تي قطعي ڪنهن کي اَرهو نه ٿيڻ کپي، بلڪه سَرهو ٿيڻ کپي ته اسان جي ريگستان جي سمنڊ ۾ اهڙا حَسين هيرا به رهن ٿا..

سونا وايا نه نيپجي، موتي نه لاگي ڏال

رُوپ اُڌارا نا ملي، ڀُوليو ڦري جمال

(سون پوکڻ سان ناهي ٿيندو. موتي وڻ جي ڏار ۾ ناهن لڳندا. سُونهن به اُڌاري ناهي ملندي اي جمال! تُون جڳ ۾ ڀُليو پيو ڦرين.)

سو هن ڀُليل جڳ جي ٺڳ ماڻهن کي ڀُل آھي ته ڪَمليش ڪو ڪِنو ڪم ڪيو آھي. هن پنهنجي ڪَلا جو پردرشن ڪيو آھي. هن عورت جو ڪردار ادا ڪندي عورت ٿي ڏيکاريو آھي اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي. هي اهڙي ڏات آھي جيڪا گهٽ ماڻهن کي مقدر ۾ ملندي آھي.

پيارا ڪَمليش..تُنهنجي اها وڊيو ڪلپ يا اهي ڦوٽُو بالي ووڊ تائين پهچن ته اُھي نه رڳو حيران ٿيندا پر توکي شاباش به ڏيندا ته تمام گهٽ خرچي تي ڪَمال جو ميڪ اپ ڪري هڪڙي مرد عورت جو جيڪو ڪردار ادا ڪيو آھي اهو واقعي ڪمالِ داد آھي. گووندا کان وٺي آيوشمان کُرانا تائين بالي ووڊ جا دڳج ايڪٽر به اهڙي اداڪاري يا اهڙو روپ ڌارڻ ڪري ناهن سگهيا جيڪو تو ڪري ڏيکاريو آھي.

پيارا ڪَمليش! دُنيا جي پرواھه ڪرڻ بغير پنهنجي ان ڪَلا کي جيئن جو تئين جاري رکجانءِ. آرٽ جو قدر آرٽ سان پيار ڪندڙ ئي ڪندا باقي خواھه مخواهه ڪنهن جي دل رنجائڻ وارن کي ڪهڙي خبر ته آرٽ ڇا آھي؟ سُرن تي سِر ڪيئن ڏبا آھن؟ ڪَلا جي جَلا ڪيئن دلين تي راڄ ڪندي آھي؟

ڪٿي ائين نه ٿئي جو واندي خلق جي مذاق مستيءَ جي ڪري هي هونهار نوجوان اسٽريس ۾ هليو وڃي ۽ پنهنجي تعليم ۽ ڪَلا تان هٿ کڻي، ان ڪري اچو ته هن نوجوان جي حوصلي افزائي ڪندي کيس اهو بانور ڪرايون ته تو جيڪو ڪم ڪيو آھي اهو گهڻن جي وس جي ڳالهه ناهي. چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق آھي..ويلڊن ڪَمليش.ننگر چنا، ايم آر جوڻيجو، ارباب راشد، قربان علي جسڪاڻي، ڪنور گل ميگهواڙ، موهن پرمار، ڀرت جئپال ۽ ٻين به ڪمپليش کي داد ڏيڻ لاءِ پوسٽون شيئر ڪيون