ايمان علي همايون سعيد سان ڪم ڪرڻ لاءِ شرط رکي ڇڏيو

0
129
ايمان علي همايون سعيد سان ڪم ڪرڻ لاءِ شرط رکي ڇڏيو
ايمان علي همايون سعيد سان ڪم ڪرڻ لاءِ شرط رکي ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا ايمان علي هٽ ڊرامي کي رد ڪيو هو جنهن جو سبب هن ٻڌايو آهي ۽ همايون سعيد سان گڏ ڪم جي خواهشمند اداڪارا هڪ شرط به رکي ڇڏيو آهي

تازو ئي ايمان علي هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي شوبز ڪيريئر بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. اداڪارا موجب هن هڪ ميگا هٽ ڊرامي جي آڇ کي ٿڏي ڇڏيو هو

ايمان علي کان جڏهن ڊرامن جي چونڊ بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته خليل الرحمان جو لکيل ڊرامو دل لگي هن ٿڏي ڇڏيو هو. ڊراما اسڪرپٽ کي رد ڪرڻ جي سبب تي روشني وجهندي هن چيو ته آئون همايون سعيد سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، پر ان ڊرامي جي شوٽنگ گرمين ۾ ٿي رهي هئي

ايمان علي وڌيڪ چيو ته آئون رڳو خزان ۽ بهار جي موسم ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي آهيان ڇو جو آئون پنهنجن ڪردارن سان انصاف ڪرڻ چاهيندي آهيان. هاڻي مون کي اهو احساس ٿيندو آهي ته اهو مون کي اهو ڊرامو ڪرڻ گھرجي ها. هن وڌيڪ چيو ته آئون همايون سعيد ۽ نديم بيگ سان گڏ ٻيهر ڪم ڪرڻ پسند ڪنديس، پر شرط اهو آهي ته خليل الرحمان قمر کانسواءِ ڪنهن ٻئي ليکڪ جو اسڪرپٽ لکيل هجي