مٺي: ايڪتا تي خوبصورت ڇوڪري بڻجندڙ نينگر جا هوٽنگ باوجود حوصلا بلند، اسڪول موٽي آيو

0
358
مٺي: ايڪتا تي خوبصورت ڇوڪري بڻجندڙ نينگر جا هوٽنگ باوجود حوصلا بلند، اسڪول موٽي آيو
مٺي: ايڪتا تي خوبصورت ڇوڪري بڻجندڙ نينگر جا هوٽنگ باوجود حوصلا بلند، اسڪول موٽي آيو

مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) مٺي ۾ ايڪتا ڏينهن  ڇوڪري جي مڪمل گيٽ اپ سان اسٽيج ڊرامي ۾ شاندار ايڪٽنگ ڪندڙ ڏهين ڪلاس جي شاگرد ڪمليش ميگهواڙ کي جتي بهترين ااداڪاري تي مڃتا ۽ داد مليو آهي ۽ سندس آرٽ عوام جي توجهه جو مرڪز بڻجي سوشل ميڊيا تي ڇانيل آھي، اتي ڇوڪريءَ جو ويس پائڻ جي ڪري ڪجهه اوباش ڇوڪرن پاران سوشل ميڊيا تي طنز ۽ خوفزده ڪرڻ سبب ڪمال جو آرٽسٽ مايوس ٿي ويو

ڪمليش ميگهواڙ ڪجهه وقت اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر به نه ويو جنهن تي سوشل ميڊيا تي سندس حق ۾مهم به هلي. معلوم ٿيو آھي ته هاءِ اسڪول نارٿ ڪالوني مٺي ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگرد ڪمليش ميگهواڙ ايڪتا ڏينهن اسڪول ۾ پروگرام ۾ اسٽيج ڊرامي ۾ نه رڳو ليلان ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪيو هو، پر ڪمال جي اداڪاري ڪئي

ڪمليش ميگهواڙ هڪ غريب پورهيت ڀمرو ميگهواڙ جو پٽ آهي. ڪمليش جي استاد مهتاب سوٽھڙ سوشل ميڊيا ذريعي چيو آھي ته ڪمليش ڪمار اسان جي اسڪول جو انتهائي باصلاحيت، پوزيشن هولڊر ۽ محنتي شاگرد آهي، مختلف قسمن جي ٽيلينٽ سان سرشار ڪمليش کي گذريل  ٻن سالن کان مون اسٽيج تي آندو، کيس هر ٽيلينٽ کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو ڏنو، ڊانس هجي يا تقرير هن اسٽيج تي پاڻ وڻايو آهي، هي نه رڳو منهنجو  شاگرد آهي، پر منهنجي گهر جي ڀاتي جيان آهي

هي ٿر جو سرمايو آهي. گذريل ٻن ڏينهن کان منهنجي ڪوچنگ سينٽر تي غير حاضر آهي، ٿي سگهي ٿو سوشل ميڊيا جي ناسمجھه ۽ بي شعور مخلوق جي طنز  ۽  غير ضروري ۽ غير اخلاقي  پوسٽن سبب ذهني دٻاءُ ۾ هجي! واندي فيس بڪي مخلوق مشڪري ۽ مذاق بڻائي رهي آهي، جيڪڏهن توهان ۾ آرٽ کي سمجهڻ جي صلاحيت ناهي، ته پنهنجي جهالت ته ظاهر نه ڪيو . ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر جي انتظاميا ٻڌايو ته ڪمليش واپس اسڪول اچي ويو آهي. هن جو چوڻ آهي ته مون کي بخار هو ان ڪري پڙهڻ لاءِ نه اچي سگهيس

هي به پڙهندا

شاگرد ڪمليش ڪمار عورت جو ڪردار نڀائڻ بعد سوشل ميڊيا تي ڇائنجي ويو: تنقيد ۽ تعريف