شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپورچاڪر – سانگهڙ سي اين جي اسٽيشن سامهون ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ خيرو خان سنجراڻي جو رهواسي عطا محمد سنجراڻي ۽ ڪار سوار محمد هاشم لغاري ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو. جتي عطاءُ محمد سنجراڻي زخمن جا سور نه سهندي نواب شاهه اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. اهڙي تصديق ساڻس گڏ ويل وارثن ڪئي آهي.