نئون دمبالو (رپورٽ: عبدالغفور باگراڻي) سنڌ مان ٻارن کي اغوا ڪري پنجاب موڪلڻ جو انڪشاف، نئون دمبالو مان ورغلائي ڪيل معصوم کي حيدرآباد مان هٿ ڪيو ويو. جوابدار جي پوليس هٿان گرفتاري باوجود ڀوتارن راڄوڻي ذريعي معاملي کي لئي مٽي ڪري ڇڏيو. خبر موجب نئون دمبالو جي رھواسي امتياز ڪورائي معصوم نينگر اويس کي ورغلائي پنجاب گھمڻ بھاني ڪار ۾ چاڙهي لاھور روانو ڪري ڇڏيو. نينگر جي غيرموجودگيءَ سبب وارثن پاران ڳولا جاري هئي. ان دوران حيدرآباد مان لاھور ويندڙ ٽيڪسي کي پڪڙي نينگر کي هٿ ڪيو ويو. پڇا ڪرڻ تي ٽيڪسي ڊرائيور ٻڌايو ته مون کي وڌيڪ خبر نه آھي، هڪ شخص ھن نينگر کي لاھور ڇڏڻ جو ڪرايو ڏنو. مائيٽن پاران پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي نينگر اويس ٻڌايو ته مون کي امتياز ڪورائي لاھور موڪلي رھيو ھو. مون کي ڪابه ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي، ٽيڪسي ۾ چڙھي روانو ٿي ويس. ٽنڊو غلام علي ٿاڻي اهڙي اطلاع ٻار اغوا ڪندڙ گروپ جي ماسٽر مائينڊ امتياز ڪورائيءَ کي گرفتار ڪري ورتو، اهڙي صورتحال بعد مقامي ڀوتارن مداخلت ڪري معاملي کي لئي مٽي ڪري ڇڏيو. ساڳئي وقت مبينا جوابدار اميتاز ڪورائي کي پڻ ٿاڻي تان ڇڏائي ورتو. جڏھن ته مغوي نينگر جي والد الياس آرائين چيو ته امتياز ڪورائي پٽ کي ورغلائي وٺي ويو هو پر ٽيڪسي ڊرائيور واپس کڻي آيو. ويجهن عزيزن فيصلو ڪري معاملو نبيري ڇڏيو. جوابدار ڌر اڃا تائين رابطو نه ڪيو آھي، هن جو چوڻ هو ته واقعي ۾ ٻيا جوابدار پڻ ملوث آھن جن کي پوليس وائکو ڪري. ٻي پاسي ايس ايڇ او ٽنڊو غلام علي عاشق حسين لنڊ ٻڌايو ته جوابدار امتياز ڪورائي ۽ نينگر اويس ساڳئي اسڪول ۾ پڙهندا آھن، اهڙو واقعو پيش آيو آھي پر ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي.