سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ ھيڪر مافيا به سرگرم ٿي ويا آهن، تاجر وڏي رقم کان محروم، مليل ڄاڻ موجب نامعلوم ٺڳ تاجر عبدالحميد مستوئي جي اڪائونٽ مان ٺڳي ذريعي رقم ڪڍرائي ويا، متاثر تاجر موجب هڪ نمبر تان فون آيو، جنهن بينڪر بڻجي فون ذريعي تفصيل ورتا، جنهن بعد اڪائونٽ مان ھڪ لک 72 ھزار ڪڍيا ويا آھن، جڏھن بينڪ پھتس ته ٻڌايو ويو ھتان اوھان کي ڪال ناھي ڪئي وئي، بينڪ عملي ٻڌايو ته توھان سان فراڊ ٿيو آھي. متاثر تاجر پوليس کي شڪايت ڏيڻ سان گڏ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ کي به درخواست ڏني آھي.