شاهه رخ ۽ سوهانا جي نئين فلم ڪڏهن شروع ٿيندي، تاريخ سامهون اچي وئي

0
69

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي پنهنجي ڌي سوهانا سان گڏ نئين فلم جا تفصيل سامهون اچي ويا، هندستاني ميڊيا ذريعن موجب فلم جو نالو ”ڪنگ“ رکيو ويو آهي

شوٽنگ جي شروعات مئي 2024 ۾ ٿيندي، ناليوارو ڊائريڪٽر سجوئي گهوش فلم ٺاهي رهيو آهي جڏهن ته ايڪشن منظرن لاءِ سڌارت آنند جي مدد حاصل رهندي

سجوئي گهوش، سڌارت آنند ۽ شاهه رخ سان گڏ ملي ڪري اسڪرپٽ کي فائنل ڪري رهيو آهي. فلم ۾ عالمي معيار جي ايڪشن منظرن لاءِ سڌارت آنند جي مدد حاصل ڪئي وئي آهي، شاهه رخ خان ۽ سوهانا جي ٽريننگ شروع ٿي وئي آهي

”ڪنگ“ لاءِ ٻين ڪاسٽ جي چونڊ به جلد ڪئي ويندي. ڊائريڪٽر ان فلم کي 2025 جي هڪ ميگا ايڪشن فلم ٺاهڻ چاهي ٿو