ڪي پي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو، ايوان ۾ شديد بدنظمي

0
113

خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي نون چونڊيل 115 ميمبرز حلف کڻي ورتو، ايوان ۾ سخت گوڙ ڪيو ويو، عورت ميمبر ڏانهن بوتلون، جوتا ۽ لوٽا اڇلايا ويا

 نوازليگ جي عورت ايم پي اي ثوبيه شاهد اسپيڪر جي ڊائيس آڏو گهڙي مٿي ڪري ڏيکارڻ لڳي ته پي ٽي آءِ جي ميمبرز مٿس جوتا، لوٽا ۽ خالي بوتلون اڇلايون، ايوان ۾ گوڙ ڪيو ويو

 اسپيڪر مشتاق احمد غني اجلاس جي ڪارروائي ختم ڪرڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي، اسپيڪر نون چونڊيل ميمبرز کي حلف کڻايو

 اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، پي ٽي آءِ پاران اسپيڪر لاءِ بابر سليم ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ ثريا بي بي نامزد آهي