سسٽم ۾ رهندڙ روئندا، پي ٽي آءِ کٽي آهي ته ان کي حڪومت ڏني وڃي: فضل الرحمان

0
58
سسٽم ۾ رهندڙ روئندا، پي ٽي آءِ کٽي آهي ته ان کي حڪومت ڏني وڃي: فضل الرحمان
سسٽم ۾ رهندڙ روئندا، پي ٽي آءِ کٽي آهي ته ان کي حڪومت ڏني وڃي: فضل الرحمان

پشاور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي اسيمبليون به انهن موجب هجن ۽ ماڻهو به، اسان جي پوزيشن واضح آهي ته اسان ڪنهن حڪومت ۾ شامل ٿيڻ نٿا چاهيون

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 2018ع ۾ به اهي چوندا هئا ڌانڌلي ٿي، اڄ به چئي رهيا آهن ڌانڌلي ٿي، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻڌائيندس ته سسٽم اندر رهندڙ روئيندا، سڄي زندگي چونڊون وڙهيون آهن، ڏاڙهي چونڊن ۾ اڇي ٿي آهي

هن چيو ته چونڊ مهم ۾ عوام کي خبر پئجي ويندي آهي ته ڪير کٽي رهيو آهي ۽ ڪير هارائي رهيو آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ کٽي آهي ته ان کي حڪومت ڏيو، جيڪڏهن انهن جي مداخلت آهي ته ايندڙ چونڊن جو به ڪو فائدو نه ٿيندو، اسان جو پارلياماني نظام جاري رهندو

سندس چوڻ اصولي فيصلو ڪيو آهي ته صدر جي چونڊ ۾ ووٽ نه وجهنداسين، جڏهن ته خيبر پختونوخواهه اسيمبلي ۾ وڏي وزير ۽ اپوزيشن ليڊر جي چونڊ ۾ لاتعلق رهنداسين. مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ وفد آيو، اسان روايتن موجب انهن کي عزت ڏني، ڪو اسان جا خدشا ختم ڪرڻ ۾ سنجيده هجي ته سياست ۾ ڳالهيون ٿينديون آهن

پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري وقت به چيو هو ته مقابلي جو مزو نٿو اچي، اسان پاڻ قيد ۾ رهي چڪا آهيون، سياسي ماڻهو جيل ويندا آهن، آئون ڪنهن سياستدان جي قيد ۾ رهڻ تي خوش ناهيان ٿيندو

جي يو آءِ سربراهه چيو جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ڌانڌلي ناهي ٿي ته پوءِ 9 مئي جو بيانيو دفن ٿي ويو، اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته اسيمبليون به انهن موجب هجن ۽ ماڻهو به، 2018ع ۽ 2024ع جي ڌانڌلي هڪ جهڙي ئي آهي، عوام جو نمائندو اسٽيبلشمينٽ جو نمائندو نه هجڻ گهرجي