شادي جي 6 مهينن کانپوءِ يوٽيوب تي ٻار ٿي ويو: حبا بخاري

0
170
شادي جي 6 مهينن کانپوءِ يوٽيوب تي ٻار ٿي ويو: حبا بخاري
شادي جي 6 مهينن کانپوءِ يوٽيوب تي ٻار ٿي ويو: حبا بخاري

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا حبا بخاري فيملي پلاننگ واري سوال تي ڳالهائيندي چيو ته سندس شادي جي ڇهن مهينن کانپوءِ يوٽيوب تي سندن اولاد به ٿي ويو ۽ ٻار جون تصويرون وائرل به ٿي ويون هيون

تازو اداڪارا حبا بخاري پنهنجي مڙس سان خانگي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هنن کان فيملي پلاننگ بابت ميزان سوال ڪيو

جنهن تي حبا بخاري جي مڙس اداڪار آرز احمد چيو ته فيملي طرفان ڪو به دٻاءُ ناهي پر ماڻهن کي اسان جي اولاد جي وڏي ڳڻتي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ عورت پڻ سوال ڪيو ته ”ڇا ٻار پيدا ٿي ويو آهي؟“

جنهن تي اداڪار جواب ڏنو ته ها، يوٽيوب تي ٿي ويو آهي باقي اصل ٻار ناهي پيدا ٿيو، يوٽيوب تي ته کوڙ ٻار پيدا ٿي ويا آهن. اداڪارا حبا بخاري چيو ته هڪ وڊيو ۾ ته ڏيکاريو ويو ته آرز ڌوم ڌام سان ٻار جي ڇٽي جو پروگرام ڪيو آهي ۽ سالين کي هيرن جواهرن جي سوکڙي پڻ ڏني

اتي ميزبان وري زور ڀري سوال ڪيو ته فيملي پلاننگ بابت ڇا سوچيو آهي؟ جنهن تي اداڪار آرز احمد جواب ڏنو ته جڏهن خدا جي مرضي تڏهن اولاد ٿيندوئ ان سان گڏ اداڪار آرز خواهش جو اظهار ڪيو ته حبا بخاري سندن ٻار جي ماءُ ٿئي