فنڪارن ۽ اداڪارن جي ٽيلنٽ کي منظرعام تي آڻڻ لاءِ ثقافت کاتي جو اهم قدم

0
53
فنڪارن ۽ اداڪارن جي ٽيلنٽ کي منظرعام تي آڻڻ لاءِ ثقافت کاتي جو اهم قدم
فنڪارن ۽ اداڪارن جي ٽيلنٽ کي منظرعام تي آڻڻ لاءِ ثقافت کاتي جو اهم قدم

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) فنڪارن ۽ اداڪارن جي ٽيلنٽ کي منظرعام تي آڻڻ لاءِ ثقافت کاتي جو اهم قدم

ثقافت کاتي اهم قدم کنيو آهي، فنڪارن ۽ اداڪارن جو ٽيلنٽ ظاهر ڪرڻ لاءِ آڊيشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته مشهور فنڪار ۽ اداڪار عيد کانپوءِ ڊويزن سطح تي ججز جو ڪردار ادا ڪندا

صوبائي وزير ذوالفقار شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فنڪارن ۽ اداڪارن کان آڊيشن وٺڻ جو فيصلو ٿيو

صوبائي وزير ذوالفقار شاهه جو چوڻ آهي ته نون فنڪارن ۽ اداڪارن کي پليٽ فارم مهيا ڪري رهيا آهيون

پهرين مرحلي ۾ فنڪارن ۽ ٻئي مرحلي ۾ اداڪارن کان آڊيشن ورتا ويندا، فنڪارن ۽ اداڪارن لاءِ بهترين قدم کنيو ويو آهي