سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ حمزو خان چانڊيو واسي زميندار 43 سالن جو منٺار ولد آچر خان چانڊيو قتل، ڪچي جي ٿاڻي ماڙي جلباڻي جي حد ڳوٺ حمزو چانڊيو واسي 43 سالن جو منٺار علي ولد آچر چانڊيو کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ماڙي جلباڻي پوليس پهچي لاش تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، سندس زال کي بيهوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا. ان موقعي تي قتل ٿيل منٺار چانڊيو جي ڀاءُ علي مراد چانڊيو ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ ٽي مهينا اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي جنهن ۾ ڇوڪري جي امڙ ۽ والد هٿ سان سڱ ڏنو، راز خوشي سان شادي ڪئي هئي، جنهن تان سندس سالا ناراض هئا، جنهن تان سندن سالن ڳوٺ سنجر چانڊيو جي رهواسين سانوڻ، منير، اشرف نظير چانڊيو وارن کيس قتل ڪيو آهي، منهنجو ڀاءُ ڳوٺ ڀرسان تعزيت لاءِ موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هو ته کيس وجهه وٺي سندن سالن قتل ڪيو، ماڙي جلباڻي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پسند جي شادي تان پيش آيو آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون.