دادو ( رپورٽر ) دادو ڀرسان ڳوٺ ٻوڪ ۾ ننهن ماروي مبينا طور 55 سالن جي سس مير زادي کي سروٽا هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ ٻوڪ ۾ واقعي واري هنڌ پهتي، فوتي عورت جي وارثن واقعو اتفاقي قرار ڏئي پوسٽ ماٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تان پوليس ۽ وارثن جي وچ ۾ 3 ڪلاڪن تائين منهن ماري ۽ ڇڪتاڻ ٿي، جنهن کانپوءِ بي سيڪشن پوليس ۽ وارثن ۾ ڳالهيون ٿيون ۽ وارث پوسٽ ماٽم لاء راضي ٿي ويا. مقتولا مير زادي جو لاش پوسٽ ماٽم لاءِ سول اسپتال دادو پهچايو ويو، مقتولا جي پٽ علي نواز جمالي ٻڌايو ته گهر ۾ ٻار وڙهيا، جن کي ڇڏائڻ لاءِ امان وئي ته کيس ڌڪو آيو ۽ سر تي ڪري پئي، ڌڪو اچڻ کانپوءِ اٿي ته کيس دل جو دورو پيو، 3 ڏينهن اڳ نوابشاھ مان کيس دوا وٺي ڏني هئي. اسان پوسٽ ماٽم نه ٿا ڪرائڻ چاهيون پر پوليس پهچي لاش پوسٽ لاء کڻائي آئي آهي ، ٻئي طرف ايس ايڇ او بي سيڪشن غلام حيدر پنهور ٻڌايو ته ڪنهن کي حراست ۾ ناهي ورتو وارث ته پوسٽ ماٽم ئي نه پيا ڪرائڻ چاهين، اسان کي اطلاع هو ته ننهن سس کي قتل ڪيو آهي. اسان پهچي مير زادي جو لاش اسپتال پهچايو آهي ۽ سبب ڄاڻڻ لاءِ پوسٽ ماٽم ڪرايون پيا.