سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ لڳ کڏهر روڊ تي شاخ ۾ وھنجڻ لاءِ ويل حسين آباد ڪالوني سڪرنڊ جي رهواسي 25 ورهين جي رانا وسيم راجپوت کي هٿياربندن روڪي ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته موقعي تي موجود ماڻهن مڙسي ڪري هڪ ڦورو کي موقعي تي پڪڙي ورتو، جنهن جي سڃاڻپ خدابخش سولنگي طور ٿي آهي.