سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ ڪورونا ويڪسين  نه ڪرائيندڙن خلاف انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي، ڪاروباري مرڪزن تي اوچتو ڇاپا، 40 دوڪانون، ھوٽلز سيل، 05 کان وڌيڪ مسافر گاڏيون بند ڪرايون ويون، 11 ڄڻا ويڪسيشن ڪارڊ نه ھجڻ تي گرفتار.  ضلعي انتظاميا پاران ڪورونا ويڪسين بابت آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سبزي، فروٽ، اليڪٽرانڪ مارڪيٽ، شاھي بازار، ملٽري روڊ، شڪارپور روڊ، بس اسٽينڊ سميت مختلف مارڪيٽن ۽ ڪاروبار مرڪزن جا دورا ڪري ويڪسين ڪارڊ چيڪ ڪيا ويا، سکر سٽي ۾ ويڪسينيشن ڪارڊ نه ھجڻ تي 30 دڪان، ھوٽلز، سيل ڪيا ويا، جڏھن ته نيو تعلقي ۾ 10 دڪان ۽ ھوٽلز سيل ڪيا ويا. ڇاپن دوران ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙ 11 ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪرايو ويو.