اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ کي آگاهي ڏني وئي آهي ته بلوچستان جي چمن جيل ۾ ايڊز جا متاثر مريض موجود آهن، ڪالهه اهڙي آگاهي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ايڊز جي متاثر قيدي صدام حسين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي دوران ڏني وئي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته درخواست گذار چمن جيل ۾ قيد آهي، قيد دوران هن کي ايڊز ٿي وئي آهي، جيل ۾ مناسب علاج جو انتظام ناهي ان ڪري کيس ضمانت ڏني وڃي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته درخواست گذار سان گڏ جيڪا ٻي متاثر ڌر آهي اها چاهي ته ميڊيڪل بورڊ جوڙي ان جو جائزو ورتو وڃي، ڇو نه ان مامري تي نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي جائزو ورتو وڃي، بعد ۾ عدالت ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ مامرو بلوچستان هاءِ ڪورٽ ڏانهن اماڻيندي درخواست اڪلائي ڇڏي.