سکر (بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاھ خلاف آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي،  خورشيد شاھ ۽ سندس فرزند فرخ شاھ کي سينٽرل جيل سکر مان عدالت آندو ويو، شديد گرميءَ سبب خورشيد شاھ کي چڪر اچڻ لڳو، ڪيس جي ٻڌڻي تائين خورشيد شاھ گاڏيءَ ۾ ويٺو رھيو، ڪيس جي ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي. پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ خلاف نيب سکر طرفان آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ واري ريفرنس جي احتساب عدالت ڪالھه ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران سيد خورشيد احمد شاھ کي سينٽرل جيل مان ايمبولنس ۽ ايم پي اي فرخ شاھ کي بڪتربند گاڏيءَ ذريعي عدالت آندو ويو. ان دوران شديد گرميءَ سبب سيد خورشيد احمد شاھ کي چڪر اچڻ لڳو، جنھن سبب کيس ڪيس جي ٻڌڻي تائين گاڏيءَ ۾ ويهڻ ڏنو ويو، خورشيد شاھ کي پوڻين 10 وڳي عدالت ۾ آندو ويو، جڏھن ته ڪيس جي ٻڌڻي ٽين وڳي ڌاري ختم ٿي. شديد گرميءَ سبب خورشيد شاھ ميڊيا سان ڳالھائڻ کان بنا ئي واپس جيل روانو ٿي ويو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.