سکر (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، جنرل سيڪريٽري ياور مهيسر، سجاد شاهه عبدالسلام مڱريو، ذيشان مڱريو، راجا بليدي، اعجاز پنهيار ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي الزام مڙهيو آهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وي سي ڪرپشن جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن جي حقن جي مسلسل لتاڙ ڪئي پئي وڃي ۽ شاگردن جا جائز مسئلا به حل نٿا ڪيا وڃن، سال 2018ع کان 2020ع تائين جي اسڪالرشپ جيڪا هر سال غريب شاگردن کي ملندي آهي هاڻي اُها به شاگردن کي نٿي ڏني وڃي، لطيف يونيورسٽي انتظاميه پاران غريب شاگردن کي تعليم کان محروم ڪرڻ لاءِ 50 سيڪڙو فيس وڌائي وئي آهي، انتظاميه 10 سالن کان شاگردن کان آل پاڪستان ٽوئر جا پئسا فيس ۾ ورتا پر ٽوئر ناهي ڪرايو، جنهن جي نيب ٽيم کان مڪمل جاچَ ڪرائي وڃي. هنن چيو ته هاسٽل فيس 5 هزار مان وڌائي 14 هزار ڪئي وئي آهي، ڪاليج سائيڊ جي فيس 8 ھزار مان وڏائي 26 ھزار مقرر ڪئي وئي آھي، يونيورسٽي ۾ جعلي ڊگرين ۽ سرٽيفڪيٽن جو ڪم عروج تي آهي. هنن چيو ته يونيورسٽي ۾ هڪ هزار جعلي ڀرتيون ڪيون ويون آهن، سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي من پسند ماڻهن کي ادرڪيڊر پوسٽن تي ويهاريو ويو آهي، ھنن نيب سکر توڙي لاڳاپيل ذميوارن کان مطالبو ڪيو ته ڪرپشن جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اڳواڻن اعلان ڪيو ته لطيف يونيورسٽي ۾ شاگردن سان مسلسل ناانصافين خلاف 25 مئي تي يونيورسٽي جي مين گيٽ آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو، ٻئي طرف يونيورسٽي جي ترجمان جساف طرفان وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو تي لڳايل ڪرپشن سميت يونيورسٽيءَ مٿان لڳايل الزامن کي سختي سان رد ڪندي پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته وائيس چانسلر طرفان شاگردن جي جائز مسئلن هاسٽلن ۾ مٺي پاڻي جي فراهمي جو بندوبست ۽ مين ڪيمپس ۾ پڻ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. سال 2018، 2019 ۽ 2020 جي اسڪالرشپ جي مسئلي کي حل ڪيو ويو آهي، احساس اسڪالرشپ جي ايوارڊ جي طريقيڪار کي انتهائي شفاف بڻايو ويو آهي، بند پيل پاڪستان اسٽڊي ٽوئر کي بحال ڪيو آهي. هاسٽل فيس ۾ معمولي اضافو ڪيو آهي، ترجمان داخلا فيس ۾ 50 سيڪڙو اضافي واري الزامن کي رد ڪندي ڄاڻايو آھي ته ڪا به فيس نه وڌائي وئي آهي. ترجمان ڄاڻايو ته چند مفاد پرست عناصر اداري کي بدنام ڪرڻ جي سازش پيا ڪن.