خيرپور (رپورٽر) دادو واسي جوڙي خيرپور جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي، ان حوالي سان پسند جي شادي ڪندڙ 22 ورهين جي لاريب ڪنڀر ۽ سندس مڙس عرض محمد ڪنڀر خيرپور ۾ احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته اسان پنهنجي مرضي سان عدالت ۾ شادي ڪئي آهي، جنهن تان مائٽ ڏمرجي پيا آهن، جانين نقصان جو خطرو آهي، جنهن سبب دربدر آهيون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي