ڳڙھي حسن (ن پ ا) ڳڙهي حسن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي بدامني خلاف احتجاج دوران ڇڪتاڻ، پوليس انسپيڪٽر جو پٽ روڊ بند ڪرڻ تي چڙي پيو، هٿيار ڪڍي فائرنگ ڪرڻ جي ڪوشش، مڇريل ماڻهن سندس گاڏي جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. خبر موجب علائقي ۾ بدامني خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران ڪامريڊ حسن کوسو، مومن لاڪٽي۽ لالو لاڪٽي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٺُل روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، احتجاجي ڌرڻي دوران صورتحال ان وقت سخت ڇڪتاڻ واري ي وئي، جڏھن پوليس انسپيڪٽر امتياز کوسو جي پٽ ُنيد کوسو پاران زبردستي رستو کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪار ۾ سوار پوليس اهلڪار جي پُٽ احتجاج ڪندڙن تي پسٽل ڪڍي گولي هلائڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي، جنهن دوران مڇريل مظاهرين سندس ڪار جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. ان حوالي سان ڇڪتاڻ سبب ڌرڻي ۾ موجود اڳواڻن پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد ايس ايڇ او ڳڙهي حسن ڌرڻي واري هنڌ پھچي مُظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ روڊ کولرايو.