سکر جي عدالت مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي

0
293

سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي عدالت مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي، ففٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو

 درخواست گذار پي ٽي آءِ سکر ضلعي جي صدر ظهير بابر موقف اختيار ڪيو ته مريم نواز فوج ۽ عدليه خلاف تقريرن ذريعي عوام کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائي رهي آهي، سندس خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، مريم نواز طرفان وڪيل ذوالفقار علي ملاڻو عدالت ۾ پيش ٿيو

 ڊپٽي اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته درخواست ۾ مريم نواز جي سرگوڌا واري تقرير جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان ڪري درخواست به سرگوڌا جي عدالت ۾ داخل ڪرائي سگهجي ٿي

عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو نه قرار ڏيندي درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي

عمران خان ان ڪري گرفتاري نه ٿو ڏئي ته بلڊ ٽيسٽ ٿيندي: مريم نوازاسلام آباد جي سمورن ڪيسز

نون ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ان ڪري گرفتاري نه ٿو ڏئي ته بلڊ ٽيسٽ ٿيندي، لاهور ۾ مارجي ويل پي ٽي آءِ ڪارڪن جي موت جي جاچ ٿيڻ گهرجي

هڪ انٽرويو دوران مريم نواز چيو ته عمران خان مارجي ويل ڪارڪن جي بزرگ والد کي زمان پارڪ گهرايو جتي هو پاڻ بادشاهه جيان ويٺل هو

هن چيو ته  پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ اسٽيڪ هولڊر نون ليگ آهي، وزارت عظميٰ جو ايندڙ اميدوار ڪير هوندو ان جي خدا کي خبر آهي

هي به پڙهندا

عمران خان جا گرفتاري وارنٽ ٻن هفتن لاءِ معطل