عمران خان جا گرفتاري وارنٽ ٻن هفتن لاءِ معطل

0
250
عمران خان جا گرفتاري

بلوچستان هاءِ ڪورٽ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ 2 هفتن لاءِ معطل ڪري ڇڏيا، عدالت واڳيل ڌرين کي نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن

عمران خان جي وڪيلن پاران پي ٽي آءِ چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ خلاف اڄ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي

درخواست ۾ ڪوئيٽا جي بجلي روڊ ٿاڻي تي عمران خان خلاف داخل ڪيل ڪيس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي

 ڪوئيٽا پوليس جي ٽيم ساڳئي ڪيس ۾ عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ کڻي لاهور پهتل آهي

 عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ پهتل ٽيم ۾ ايس پي نديم، ڊي ايس پي عبدالستار، سب انسپيڪٽر ۽ 2 ٻيا اهلڪار شامل آهن

گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي عدالت ادارن خلاف نفرت ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا

حڪومت عمران خان کي هر صورت ۾ گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي: شاهه محمودشاهه محمود قريشي لاهور

لاهور: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت عمران خان کي هر صورت ۾ گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي، مائينس ون فارمولا نه اڳ ڪامياب ٿيو هو ۽ نه هاڻي ٿيندو

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ته قانون وارو دڳ وٺنداسين

هن چيو ته لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي ريلي تي پوليس چڙهائي ڪري وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، پوليس تشدد ڪري پي ٽي آءِ جي ڪارڪن علي بلال کي ماري ڇڏيو،  علي بلال جون خون لوڙهڻ لاءِ مختلف ڪهاڻيون گهڙيون پيون وڃن

هي به پڙهندا

عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ  ڪوئيٽا جي پوليس لاهور پهچي وئي