دادو (رپورٽر ) پائلٽ هاءِ اسڪول جي ٽيڪنيڪل ڊپارٽمينٽ جي زبون هال عمارت جي ڇت ڊهي پئي، جنهن سبب  3 ٻارڙا فاروق پٽ عاشق لنڊ ، محمد حسنين پٽ محمد ملوڪ لنڊ  ۽  محمد علي پٽ مقبول لنڊ ملبي هيٺان اچي ويا، علائقي واسين پهچي زخمين ٻارڙن کي اسپتال متنقل ڪيو،  ٻي طرف  علائقي واسين موجب ته  ٻار زبون حال عمارت هيٺان راند کيڏي رهيا هئا ته سندن مٿان ڇت جو ملبو ڪريو.