امتحانن ۾ رشوت عيوض مارڪن ۾ واڌ ۽ رزلٽ تبديل ڪرڻ وارو  اسڪينڊل: حڪومت جو وڏو فيصلو

0
337
امتحانن ۾ رشوت عيوض مارڪن

ڪراچي: امتحانن ۾ رشوت عيوض مارڪن ۾ واڌ ۽ رزلٽ تبديل ٿيڻ واري اسڪينڊل بعد حڪومت وڏو فيصلو ڪيو آهي

سنڌ سرڪار تعليمي  بورڊن جا امتحان ٿرڊ پارٽي  ذريعي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي پاران نائين کان 12 تائين امتحان ٿرڊ  پارٽي ذريعي ڪرائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

بورڊن ۾ امتحانن دوران ڪرپشن  وارا اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد  سنڌ سرڪار اهڙو اعلان ڪيو

ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص،  لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽  سکر جي تعليمي بورڊ  کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 2023 کان نائين کان  ٻارهين درجي جا امتحان ٿرڊ پارٽي جي ٽيسٽنگ سروس ذريعي ورتا ويندا