سيوهڻ جي 10 يوسيز ۾ منڇر جي پاڻي جون تباهڪاريون

0
263

ڪراچي(نمائندن وٽان) سيوهڻ جي 10 يوسيز ۾ منڇر جي پاڻي جون تباهڪاريون جاري آهن، ٽلٽي، ڪرمپور، ٻنڀا، نئون واهڻ، ويهڙ شريف ۽ ٻين علائقن ۾ هزارين گهر ٻڏي ويا

پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ ڪري سيوهڻ پهتل ٻوڏ متاثر امداد لاءِ دربدر آهن، ٻوڏ متاثر 300 رُپيا ڀاڙو ڀري ٻيڙين ذريعي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن

 پاڪ فوج جي ٽيمن جو به ٻڏي ويل علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، منڇر ڍنڍ جو پاڻي ڀان سيد آباد ڀرسان گرڊ اسٽيشن ۾ ڪاهي پيو، پاڻي ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙڻ بعد ڀان سيد آباد شهر جي باءِ پاس سان ٽڪرائجي ويو

شهرين طرفان آخري ڊفينس لائين رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته سيوهڻ ڀرسان ايل ايس بچاءِ بند کي ڏنل 2 ڪٽن ذڙيعي منڇر جي پاڻي جو درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي

پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ٿيڻ باوجود منڇر ڍنڍ جي سطح ۾ جوڳي لاٿ نه آئي، پاڻي جي سطح 122 ڏهائي 5 آر ايل رڪارڊ ٿيو آهي