سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ناظم جوکيو جي بيواهه کي رينجرز جي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

0
345
شهيد ناظم جوکيو ڪيس

سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪراچي جي علائقي ملير ۾ قتل ٿيل ناظم جوکيو جي بيواهه کي رينجرز سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي

سنڌ پوليس سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو آهي ته ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ گهربل ايم اين اي فرار ٿي ويو آهي جڏهن ته ايم پي اي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو چيو آهي ته ايم اين اي هاڻي دبئي پهچي ويو آهي

سنڌ پوليس جي نمائندي چيو ته ڪيس ۾ پ پ ايم اين اي ۽ ايم پي اي ٻنهي جو چالان ڪيو ويندو

اسٽينڊنگ ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته رينجرز ناظم جوکيو جي بيواهه شيرين جوکيو کي سڪيورٽي فراهم ڪري ۽ سنڌ ۾ عدالتي  قتلن بابت فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي وڃي

انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي آءِ جي سنڌ کي ايندڙ اجلاس ۾ هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جي به هدايت ڪئي آهي

 سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته ناظم جوکيو سنڌ ۾ شڪار لاءِ آيل عربن جي وڊيو ٺاهي، مقامي ايم پي اي کيس پنهنجي گهر گهرايو ۽ جوکيو جي ڀاءُ جي موجودگيءَ ۾ مٿس تشدد ڪيو ۽ ناظم جوکيو کي عربن جي سامهون اچي معافي گهرڻ جو چيو. انڪار ڪرڻ تي قتل ڪري لاش سندس بنگلي اڳيان اڇلايو ويو

سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته ان قتل ۾ پيپلز پارٽي جا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ملوث آهن

هن وڌيڪ چيو ته وفاقي وزير محمد ميان سومرو کي وڊيوز ذريعي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، سندس هڪ مائٽ کي قتل ڪيو ويو آهي پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي

ڪميٽي ۾ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد تجويز ڏني ته سنڌ ۾ عدالتي قتل جي واقعن مان 5 کي چونڊيو وڃي ۽ انهن بابت فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ رياست کي اهڙن قتلن جو مدعي بڻايو وڃي جنهن ۾ ناظم جوکيو به شامل آهي

ان تجويز تي انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته اسان کي ان تي ڪو به اعتراض ناهي

ھي بھ پڙھندا

وفاقي سرڪار پاران شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس وڙهڻ جو فيصلو