ڪهڙي سياستدان ڪيتري ٽيڪس ڏني؟ ايف بي آر پاران ڊائريڪٽري جاري

0
393

فيڊرل بورڊ آف روينيو پارليامينٽ جي ميمبرز جي ٽيڪس ادائگين جي تفصيلن تي ٻڌل ٽيڪس ڊائريڪٽري جاري ڪري ڇڏي آهي. ايف بي آر پاران جاري ڪيل اها ڊائريڪٽري سال 2019 جي ٽيڪس گوشوارن تي ٻڌل آهي

ٽيڪس ڊائريڪٽري 2019 موجب وزيراعظم عمران خان جي آمدني 4 ڪروڙ 35 لک روپيا هئي ۽ هن 2019 ۾ 98 لک 54 هزار 959 روپين جي ٽيڪس ادا ڪئي

مسلم ليگ نون جي صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي آمدني 5 ڪروڙ 63 لک روپيا هئي ۽ هن 82 لک 42 هزار روپين جي ٽيڪس ادا ڪئي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي آمدني 28 ڪروڙ 26 لک روپيا هئي ۽ هن 22 لک 18 هزار روپين جي ٽيڪس ڏني، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 2019 ۾ آمدني 3 ڪروڙ 81 لک روپيا هئي ۽ بلاول 2019 ۾ 5 لک 35 هزار روپين جي ٽيڪس ادا ڪئي

ٽيڪس ڊائريڪٽري مطابق پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي سالياني آمدني 83 لک روپيا هئي ۽ هن سال 2019 ۾ 8 لک 51 هزار روپين جي ٽيڪس ڏني

وفاقي وزير فواد چوڌري جي سالياني آمدني 34 لک روپيا هئي ۽ هن هڪ لک 36 هزار روپين جي ٽيڪس ڏني

وفاقي وزير حماد اظهر جي آمدني 6 ڪروڙ 57 لک روپيا هئي ۽ هن 2019 ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک روپين جي ٽيڪس ادا ڪئي

ايف بي آر جي ڊائريڪٽري موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي آمدني 5 ڪروڙ 70 لک روپيا هئي ۽ هن 10 لک 99 هزار روپين جي ٽيڪس ادا ڪئي، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي آمدني 9 لک 38 هزار روپيا هئي ۽ هن 2 هزار روپين جي ٽيڪس ادا ڪئي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان جي آمدني 25 لک 80 هزار روپيا هئي ۽ هن 66 هزار 258 روپين جي ٽيڪس ڏني ۽ بلوچستان جي وڏي وزير قدوس بزنجو جي 2019 ۾ آمدني 78 لک 58 هزار روپيا هئي ۽ هن 10 لک 61 هزار رپين جي ٽيڪس ادا ڪئي