وفاقي سرڪار پاران شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس وڙهڻ جو فيصلو

0
302
شهيد ناظم جوکيو قتل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جو اهم فيصلو ڪري ورتو، انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته ناظم جوکيو جي خاندان طرفان ٺاهه ڪرڻ جي صورت ۾ وفاقي حڪومت ڪيس وڙهندي ۽ رياست هن کي ڪيس کي اڳتي وڌائيندي

اسلام آباد ۾ سينيٽ جي انساني حقن بابت ٿيل اجلاس ۾ شيرين مزاري چيو آهي ته قنديل بلوچ جو ڪيس اسان جي سامهون آهي، رياست هن ڪيس کي اڳتي وڌائيندي ڪيس وڙهندي

پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته ڄام اويس ۽ عبدالڪريم عرب مهمانن کي گهرايو، سنڌ ۾ صرف پکين جو شڪار ناهي ٿيندو، عرب مان آيل شهزادا جيڪي ڪجهه ڪن ٿا انهن تي بريفنگ ٿيڻ گهرجي

هن چيو آهي ته سنڌ ۾ شڪار تي آيل عرب شهزادن جي ڪمن بابت ٻڌائيندي شرم محسوس ٿيندي آهي، جتي هي مهمان بڻجي ويندا آهن اتي الاءِ  ڪهڙا شرمنڪا ڪم ٿيندا آهن

سيف الله ابڙو چيو ته ايم پي جا گارڊز ناظم جوکيو کي فارم هائوس ۾ پڪڙي اندر وٺي ويا، افضل پنهنجي ڀاءُ ناظم کي وٺي ويو ۽ هو پنهنجي ڀاءُ جون رڙيون ٻڌيون، سنڌ ۾ هزارين ماڻهو ائين قتل ٿي رهيا آهن، ناظم جوکيو جي وارثن لاش روڊ تي رکيو ته ڪيس داخل ٿيو

ان موقعي تي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ پوليس کي ناظم جوکيو جي خاندان جي حفاظت جي هدايت ڪئي آهي

انساني حقن جي ڪميٽي ۾ سنڌ پوليس جي عملدار بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ايم پي اي کي هن مامري ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي، ناظم جوکيو جي ڀاءُ ٽن پوليس آفيسرن جا نالا ڏنا ته اهي جاچ ڪن

سنڌ پوليس چيو ته ناظم جوکيو کي تشدد ڪري ماريو ويو، 6 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ اصل قاتلن کي به گرفتار ڪنداسين، جيڪڏهن ناظم جو خاندان ٺاهه ڪري ٿو ته ڪورٽ ۾ اسان موجود آهيون