حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مختلف سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن بحريا ٽائون خلاف لڳل پرامن ڌرڻي تي شيلنگ جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته پرامن اڳواڻن ۽ ڌرڻي ۾ ماڻهن مٿان شيلنگ واري واقعي جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. نامياري قانوندان يوسف لغاري ايڊووڪيٽ ڌرڻي شيلنگ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته پرامن ماڻهن تي شيلنگ جو ڪو به جواز نه هو. ڄاڻي واڻي حالتن کي پرتشدد جي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن گهر ڪئي ته ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن تي شيلنگ جو حڪم ڏيندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. سنڌ واسي بحريا ٽائون جي والار خلاف پرامن احتجاج ڪري رهيا هئا جن تي شيلنگ ڪري کين مڇرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو بحريا ٽائون خلاف پرامن ڌرڻي تي تشدد ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ واسي امن پسند ماڻهو آهن ۽ اهي امن ۽ ڀائيچاري جي فضا تي يقين رکن ٿا. هن چيو ته اسان ڌرڻي تي تشدد جي مذمت ڪيون ٿا. سنڌين ۽ پاڪستانين کي گهرجي ته اهي ظالم ۽ ڪرپٽ مافيا ۽ عوام مخالف بلڊرن ۽ قبضاگيرن کي پنهنجي اتحاد، امن ۽ مضبوطي سان جواب ڏين. هن چيو ته بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ذوالفقار آباد سنڌ دشمن منصوبا آھن ۽ انهن منصوبن ذريعي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سندن جماعت 10 جون کان 13 جون تائين 4 ڏينھن لاءِ بحريا ٽائون، پاڻي جي کوٽ ۽ ڪرپشن خلاف احتجاج ڪندي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر سجاد احمد چانڊيو، وسند ٿري ۽ ٻين به بحريا ٽائون خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي پُرامن ڌرڻي کي پُرتشدد بنائڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان عمل ۾ سنڌ حڪومت ۽ ملڪ رياض جي خانگي هٿياربند فورس ملوث آهي. ڪجھ ڏينھن اڳ ھڪ سازش تحت بم ڌماڪا ڪرايا ويا ۽ ڌرڻي واري ڏينهن پرتشدد ڪارروائي ڪئي وئي ۽ اهو عمل ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرايل ڌماڪن جي ڪڙي آھي. هنن چيو ته پرامن ڌرڻي تي رياض ملڪ جي پرائيويٽ ھٿياربند فورس ۽ انتظاميا فائرنگ ڪئي ۽ ان کانپوءِ بحريا ٽائون جي مک دروازي ۽ ٻين هنڌن تي خاص ڪيميڪل سان باھ ڏني وئي آھي ته جيئن الزام پرامن ماڻهن تي مڙهي سگهجي.