دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي مرکپور پاڙي ۾ گهر ۾ واندا ويهڻ بدران ڪمائڻ جو چوڻ تي نا فرمان پٽن پيرسن پيء الهڏتو پنهور تي مڇرجي پيا کي لتن ، مڪن سان وحشياڻو تشدد ڪرڻ ڏنڊن جا ڌڪ هڻي سخت زخمي ڪري وڌو آهي ، زخمي پيرسن الهڏتو پنهور کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي ، زخمي پيرسن ٻڌايو ته سندس نوجوان پٽ شمن ۽ مبحت گهر ۾ واندا ويٺا هوندا آهن ۽ روزانو خرچي به کائن وٺندا آهن ، پٽن کي گهر ۾ واندو ويهڻ کان مزدوري ڪرڻ لاء چيو ته مٿس مڇرجي پيا ۽ نافرمان پٽن کيس گارگند ڪئي ۽ منهنجي تذليل ڪري کيس پڪڙي لتن مڪن جا ڌڪ هڻڻ کانپوء ڏنڊن جا ڌڪ هڻي زخمي ڪيو آهي ، بي سيڪشن پوليس زخمي الهڏتو جي فرياد تي سندس پٽن شمن ۽ محبت پنهور خلاف رپورٽ داخل ڪري ٻنهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.