ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ لڳ ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ۾ سنڌ سلامت فورم جي جنرل باڊي جو اجلاس چيئرمن پروفيسر عبيدالله لاکير جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ سنڌ سلامت فورم جي باني ڊاڪٽر خادم حسين سومرو، جنرل سيڪريٽري آفتاب احمد چنا، خزانچي شوڪت علي سهارڻ ميمبرن صحافي ۽ ليکڪ پاويل جوڻيجو ، مسعود احمد منگي، شاعر سگهڙ محبوب علي محبوب ڏيپر، اظهر آدرش سولنگي، نورمحمد لاکير، علي اڪرم چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فورم جي سالياني ڪار گذاري بابت سوچ ويچار ڪري اڳتي جي حڪمت عملي ۽ فورم جي سرگرمين بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. سرگرمين بابت ڪتابچو ڇپائي پڌرو ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو ۽ هيٺيون قراردادون پاس ڪيون ويون جنهن ۾ سنڌ جون زمينون بحريا ٽائون کي وڪرو ڪري اتي ڌارين کي آباد ڪرڻ کي سنڌ دشمن عمل قرار ڏئي ان کي فوري طور رد ڪرڻ جي قرارداد پاس ڪري سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض کي وڪرو ڪري ڏنل سنڌ جون سرڪاري زمينون ۽ پلاٽ فوري طور واپس وٺي اهي بي گهر سنڌي ماڻهن کي گهر ٺاهڻ لاء الاٽ ڪيا وڃن ،سنڌ جي روزگار جي وسيلن تي سنڌي بيروز گار نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي ،سنڌ جي معدني ۽ قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ بند ڪري سنڌ کي زرعي آبادي لاء فوري طور پنهنجي حصي جو مڪمل پاڻي ڏئي سنڌ جي زرعي زمينن کي غير آباد ٿيڻ کان بچايو وڃي