سوال/سروي … سڄي سنڌ ڌاڙيل اسٽيٽ بڻيل آھي، آءِ جي کي هٽايو وڃي، سردارن کي سوگهو ڪيو وڃي، ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن ڪيو وڃي: عوام

0
314

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ وري ڌاڙيل اسٽيٽ بڻجڻ لڳي: 4ٻارن سوڌو 40ڄڻا باندي بڻيل، سنڌ ۾ وڌندڙ اغوا وارداتون ڪيئن رڪجي سگهن ٿيون؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته آءِ جي پوليس کي تبديل ڪيو وڃي، وڏيرن کي سوگهو ڪيو وڃي پوءِ فوجي آپريشن ڪيو وڃي ان سان ڌاڙيلن جو خاتمو ٿي ويندو ۽ اغوا وارداتون بند ٿي وينديون، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي عباس جمالي لکيو ته قانون جي رِٽ ڪمزور ٿي وئي آهي اُتر سنڌ جا علائقا باھ وانگر ڀڙڪي اٿيا آهن اغوا قتل غارت امن امان جي صورتحال بگڙي وئي آهي ڪاروباري شريف ماڻهو جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي هن سموري صورتحال جي ذميوار رياست آهي هڪ منظم سازش تحت بدامني بک بدحالي پيدا ڪري ماڻهن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿو ڪيو وڃي. ٻي پاسي ڌاڙيل ڪلچر پروموٽ ڪري شعوروندن جو قتل ڪيو ٿو وڃي. بابر وساڻ لکيو ته ڪجھه ڏينهن ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب هڪ انٽرويو ۾ تمام بهترين ڳالهه ڪئي ته ٽن مهينن لاءِ آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي جون چارجز سندس حوالي ڪيو جيڪڏھن هن ڌاڙيل کي ختم نه ڪيو ته سياست ڇڏي ڏيندو چيائين جڏهن به مقابلو ڪرڻ لاءِ پوليس موبائيلون وڃن انهن ۾ اڳيان هڪڙو هڪڙو سردار وهاري ڇڏيو ڏسون ته ڪئين ٿا ڌاڙيل مقابلو ڪن مقصد ۽ مطلب ته هي سڄو ڪم سنڌ جا وڏيرا جاگيردار ڀوتار سردار سياسي وڏيرا هٿ سان ڪن ٿا، حيدر سنڌي لکيو ته جيڪڏهن حڪومت چاهي ته امن امان قائم ڪرڻ ڪو مسئلو ئي ناهي پر بدقسمتي سان سنڌ ۾ امن امان سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ئي ناهي، شايد 98 جو دور ھو هن کان وڌيڪ ڌاڙيلن جو راڄ هو پر نواز شريف آرمي ذريعي سنڌ ۾ زبردست آپريشن ڪرائي ٻن مهينن ۾ سڄي سنڌ کي ڌاڙيلن کان پاڪ ڪري ڇڏيو، رياض سولنگي لکيو ته سردارن ۽پوليس خلاف گڏطور تي آپريشن ٿيڻ گهرجي ڇو ته سردار ماڻهو اغوا ڪرائين ٿا پوليس کي خبر هوندي آهي ته ڪهڙي سردار ڪم ڪرايو آهي وري ڀنگ به پوليس ڀري ماڻهو واپس ڪرائي ٿي ان ڪري ٻئي ڏوهي آهن انهن خلاف آپريشن ڪرايو وڃي، گل حسن شر لکيو ته اھڙن واقعن کي روڪڻ حڪومت لاءِ ڪو مشڪل ڪم ناھي پر ضرورت آھي نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ جي وسيلا به حڪومت وٽ افرادي قوت به حڪومت وٽ بس ناھي ته حڪومتي فورس وٽ جديد هٿيار ناھن ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ محدود وسيلا ھجڻ باوجود جتي نه پل آھي نه روڊ رستا نه بنيادي انفراسٽرڪچر پوءِ به ھو حڪومتي فورس کان وڌيڪ ڏاڍا آهن، رزاق بجير لکيو ته جديد ھٿيار جيڪي ڌاڙيلن وٽ آھن اِھي انھن تائين پھتا ڪيئن.؟ جيڪي پھچائندڙ آھن اھي پڪڙ ۾ اچي ويا ته ايئن سمجھو ڌاڙيل پڪڙ ۾ اچي ويا. راءِ سنگهه راجپوت لکيو ته رياست انهن کي کُلي ڇُوٽ ڏيئي ڇڏي آھي تڏھن پيا مستيون ڪن نه ته رياست جيڪڏھن چاهي ته انهن جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهڻ ۾ ڪو وقت نه لڳندو. رياست جي رٽ کي چئلينج ڪنڌڙ ڌاڙيل ڪهڙي باغ جي موري آھن؟ ڪامران علي رند لکيو ته آءِ جي تبديل ڪيو وڃي، سڪندر علي لوهار لکيو ته قانون نالي ڪا به شيءِ ناهي، خاموش خليل شر لکي وته اسان جي سنڌ پوليس پنهنجي پيشي سان سچي ۽ ايمانداري سان فرض نڀائيندي ته ڏوهن ۽ ڏوهارين تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو ، ثناءُالله چانڊيو لکيو ته قانون جي رٽ بحال نه ھجڻ جي ڪري ڪرپشن وڏيرن جي ونگار ۽ نااھل آفيسرن جي ڪري اھڙي حالت لڳي پئي آهي، سڌير راٺوڙ لکيو ته ڌاڙيل سردارن جي پيداوار آھن، احسان چانڊيو لکيو ته سموري سنڌ ڌاڙيل اسٽيٽ بڻيل آھي وڏيرن جي پٺڀرائي آھي فوجي آپريشن ڪري ڌاڙيلن کي سزا ڏني وڃي غريب مسڪين ماڻھون پريشان آھن، آزاد اسدالله هنڱورجو لکيو ته ڌاڙيلن کي جديد هٿيار پهچائيندڙ ڌرين/سهولتڪارن کي پڪڙ ۾ آندو وڃي، ادارا سهولتڪارن کي پڪڙڻ ۾ ناڪام ڇو آهن؟ عامر ڪلھوڙو نصيرآبادي لکيو ته اغوائن سميت هر گند کي ختم ڪرڻ لاءِ ٿاڻن کي ڀوتارن جي اوطاقن بجاءِ عوام لاءِ تحفظ گهر ۽ آفيسرن کي ڪمدار بجاءِ عوام دوست ٿيڻو پوندو، علي گل شيخ لکي وته وارداتن تي هڪ ئي حل آهي ڪنٽرول ڪرڻ جو، حفيظ ملاح لکيو ته جيستائين ڪنهن به ضلعي ۾ پرچي تي آفيسر مقرر ٿيڻ بند نه ٿيندو تيستائين امن نه ٿي سگهندو ڇاڪاڻ ته جنهن آفيسر کي جيڪو رکرائيندو ان کي آفيسر ڇا ڪري سگهندو ان آفيسر کي اهو ڊپ هوندو ته اگر رکرايل همرام ۾ هٿ وجهندس ته پوسٽنگ تان هٿ ڌوئي ويهندس، عبدالرحمان چانگ لکيو ته جڏھن سنڌ پوليس پنهنجو ڪردار ادا ڪندي تڏھن اهڙن ڏوهن تي ضابطو ايندو باقي جيستائين پوليس توڙي ٻيا ادارا وڏيرن جي چوڻ تي هلندا ان وقت تائين اهڙا واقعا پيا پيش ايندا، محمد فياض وساڻ لکيو ته سموري سنڌ ڌاڙيل اسٽيٽ بڻيل آھي وڏيرن جي پٺڀرائي آھي فوجي آپريشن ڪري ڌاڙيلن کي سزا ڏني وڃي سردار نظام ختم ٿيڻ کپي، جتيندر باغي لکيو ته سڀ کان پھرين اسان ميڊيا جا شڪر گُذار جنھن سمرت جو ڪيس ميڊيا تي آندو ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ پاڻمرادو نوٽيس ورتو ايس ايس پي ته قانوني پريشر وڌو ھاڻ آءِ جي سنڌ کي گُھرجي ته ڌاڙيلن خلاف سخت ڪاروائي، حاجي محمد اسماعيل لکيو ته فوجي آپريشن ڪري ڀوتارن کي ٽنگيو وڃي، راجو ٺڪر لکيو ته سرداري نظام ختم ٿيڻ کپي تعليم کي ترجيح ڏني وڃي، مدثر کهاوڙ لکيو ته پوليس ڳو غريبن کي مارڻ لاءِ شينهن آھي باقي ڌاڙيلن آڏو بيوس بڻيل آھي، عبدالسبحان سنڌي لکيو ته ڪڏھن به نه رڪجي سگهجندي بد امني ڇو جو اسان ھن ضلعي ڪشمور جا رهاڪو آھيون اسان ويجهو کان پيا ڏسون، شهباز ٻجورو لکيو ته وڏيرا هوندا ته اهو سلسلو ختم نه ٿيندو، محمد ڀنڊ، راجڪمار اوڏو، راشد الطاف، ثناءُالله چنا، اشفاق چانڊيو، ساقي صدام بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، ساجد سومرو لکيو ته سنڌ ۾ پوليس کي فري ھينڊ ڏئي سياسي مداخلت ختم ڪري ڌاڙيلن جي سھولت ڪارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، شبير سهتو لکيو ته صرف سردارن کي ناڪيلي وجهبي ته سنڌ ۾ مڪمل امن ٿي ويندو، محمد حسن به سروي ۾ حصو ورتو، صفدر چانڊيو لکيو ته ڀوتارڪي نظام جي پاڙ پٽجي ڏوھن ۾ گهٽتائي اڇي سگهي ٿي، طارق باجڪاڻي لکيو ته سنڌ جون حالتون ھٿ سان خراب ڪيون ويون آهن، نقاش پيرزادو لکيو ته وڏيرن ۾ هٿ وڌو وڃي، آدم پتافي لکيو ته سرڪار کا ڪير ڏاڍو آهي بس رڳو سڌي ٿئي، قاضي حسين علي، زاهد ڏهوٽ، جي آر چانڊيو، غلام مهدي بلوچ، عابد شر، عارف علي، ادريس بلوچ، نثار هالو، حاجي خان پنهور، علي محمد سمون، يار محمد ميمڻ، ممتاز علي سيمجو، احسان لغاري، عرفان جروار، سڪندر گلاب، عبدالحئي مير به سروي ۾ حصو ورتو، نثار لغاري لکيو ته ھن وقت سنڌ ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آھي. ڪڏھن معصوم ماء جي ھنج ڪڏھن گھر جو چرخو ھلائيدڙ سھارو ته ڪڏھن معصوم جو ڇپر ڇانو اغوا ڪري من پسند ريٽ جي بنياد تي پيسا گھريا ٿا وڃن.ھاڻي ھن ڌاڙيل ڪلچر خلاف اسان کي گڏجي ھڪ سگھارو آواز اٿارڻو پوندو نه ته مستقبل جي سنڌ ۽ان جو ٻچو ٻچو اسان کي معاف نه ڪندا، بشير ميراڻي، نادر ابڙو، لال بخش بوزدار، وقار مڱريو،شرف الدين ڪيريو، اسماعيل زئور، محمد بچل، فهيم سهتو، حميرگل راجپوت، عمران گل سومرو، حافظ عبدالفتاح سومرو، اسلم سومرو، محمد ميرڻ جکراڻي، منظور حسين، سمير احمد، ايم فتاحي، قربان ميراڻي، شڪيل جمالي، نارائڻ داس، عرفان ڦلپوٽو، غلام قادر ڀنڊ، ذلفي چاچڙ، نعيم خان، رياض گولو، نديم انڙ، مظفر شبير بوزدار، عبدالوهاب ڪيهر، تاج محمد، مير بلوچ، سيف مستوئي، محمد آصف سومرو، مير ڌڻي بخش نصيراڻي، جي مرتضيٰ ٻرڙو، شيراز شيخ، عامر خان ساريو، مبين اڄڻ، طارق راڄپر به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالجبار لوڊو لکيو ته هر سال آپريشن جو اعلان ڪري سنڌ حڪومت گم ٿي ويندي آھي ٿيندو ڪجھ به ناھي، رجب رحمي بجير لکيو ته پوليس ڳو غريبن کي مارڻ لاءِ شينهن آھي باقي ڌاڙيلن آڏو بيوس بڻيل  آهي پوليس سردارن جي اڳيان غلام آهي، شهزاد ميمڻ لکيو ته آپريشن جا اختيار رينجرز کي نه ٿا ڏنا وڃن تيستائين اهو سلسلو هلندو رهندو، منظور ڪنڀر لکيو ته هتي ادارا بااختيار ناهن سياسي ماڻھن جي مداخلت آهي، انڪري سرمائيداري سسٽم مضبوط ٿيندو وڃي مسڪين ماڻھن لاءِ عذاب برپا ڪرڻ ۾ پوليس توڙي وڏيرا وسان نٿا گهٽائن.