لاهور ( اسپورٽس نيوز) ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ ۾ حصو نه وٺندي، پي سي بي ان حوالي سان آءِ سي سي کي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي. دي ٽيليگراف انڊيا جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جئه شاهه جي مقرري ۽ هائبرڊ ماڊل رد ٿيڻ تي پاڪستان ايشيا ڪپ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽ موجب ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل  جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي ايندڙ اجلاس ۾ سمورن ميمبر ملڪن کي ٻڌايو ويندو ته  ايونٽ ۾ حصو وٺندر سمورا ملڪ سريلنڪا ۾ کيڏڻ تي راضي ٿي ويا آهن. هن کان اڳ پاڪستان طرفان هائبرڊ  ماڊل تجويز ڏنو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته پهرئين مرحلي جون 4 ميچون پاڪستان ۾ کيڏيون وڃن پر ڀارت ان کي به رد ڪري ڇڏيو هو ته جيئن پاڪستان ايونٽ ۾ حصو نه وٺي. ايندڙ ايشيا ڪپ جي ميزباني پاڪستان وٽ هئي پر ڀارت  پنهنجي ٽيم کي پاڪستان اماڻڻ کان  انڪار ڪري ڇڏيو هو  ۽ ڪپ جي بائيڪاٽ جي ڌمڪي ڏني هئي. جيڪڏهن پاڪستان بائيڪاٽ ڪري ٿو ته پوءِ ڀارت، سريلنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان سان گڏ نيپال کي به کيڏايو ويندو. ٻڌايو پيو وڃي ته آءِ سي سي جي چيئرمين سان ڳالهين دوران پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي  چيو هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڀارتي دورو حڪومتي منظوري سان لاڳاپيل آهي.