اقتدار جي جھيڙن ۾ ڪٿي آئين پوئتي نه رھجي وڃي

 

(حصو پهريون)

 

جڏھن آئين جي آرٽيڪل 112 جي تحت صوبائي اسيمبلي تحليل ڪئي ويندي آھي ته آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 48 مطابق ان صوبي جو گورنر، نگران حڪومت جي اعلان سان گڏوگڏ صوبي ۾ اليڪشن ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان به ڪرائڻ جو پابند ھوندو آھي پر آئين ۾ ٻڌايل مٿين آرٽيڪلز جي برعڪس ھي حڪومت، نگران حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ جي باوجود به اليڪشن جي تاريخ نه ڏئي آئيني بحران پيدا ڪري چڪي آھي. آئيني بحران ته 2022ع کان شروع ٿيل آھي، جڏھن اپريل ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر، وزيراعظم عمران خان جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي هئي، جيڪا ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ان وقت جي عمران حڪومت تمام ڪوشش ڪئي، وزارتون تبدل ڪيون ويون ۽ تڏھوڪي تازو وزير قانون بڻيل فواد چوڌري، قومي اسيمبليءَ ۾ آئين جي آرٽيڪل 5 جو حوالو ڏئي، رٿ پيش ڪئي ته ملڪ سان وفاداري ھر ھڪ جو فرض آھي. تڏھوڪي اسپيڪر قاسم سوري 3 اپريل 2022ع تي ھڪ رولنگ ڏني ته مخالف ڌر جيڪا عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي آھي اھا عمران حڪومت جي ٻاھرين سازش جو حصو آھي، اسپيڪر سائفر جو حوالو به ڏنو، عدالت عظميٰ ان رولنگ جي فيصلي ۾ لکيو آھي ته اسپيڪر وٽ جڏھن سائفر نه ھو نه ان ڏٺو ته ڪيئن اھڙي رولنگ ڏني، سپريم ڪورٽ ان اسپيڪر جي ان رولنگ تي ئي پاڻمرادو ورتو ھو ۽ رات جو 12 وڳي سپريم ڪورٽ کلي ھئي، سپريم ڪورٽ آئين جي محافظ آھي، جيڪڏهن پاڻمرادو نوٽيس نه وٺي ھا ته مارشل لا لڳي چڪو ھجي ھا. سپريم ڪورٽ پنھنجي فيصلي ۾ اھو به چيو ته سائفر مارچ ۾ عمران خان ڏيکاريو ۽ ان وچ ۾ حڪومت طرفان نه انڪوائري ٿي نه ئي حڪومت نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽي ۾ ڪو سازش جو معاملو رکيو ويو، سو ڪيئن بغير سائفر پڙھڻ جي اھا رولنگ ڏني وئي. سپريم ڪورٽ ان رولنگ کي غير قانوني قرار ڏئي تحريڪ عدم اعتماد تي ووٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جيڪا تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ وزيراعظم عمران خان گھر روانو ٿيو. ياد رھي ته عمران خان سائفر جو حوالو ڏنو ته آمريڪا سندس حڪومت ڪيرائي آھي  ۽ بعد ۾ آرمي چيف تي الزام ھنيا ته ھن سندس حڪومت ڪيرائي ھئي. جڏھن ته عمران حڪومت جو خاتمو عدم اعتماد جي تحريڪ ذريعي ٿيو ھو. تڏھوڪي حڪومت به آئين پاڪستان سان، آئين جي شقن جي گيم ڪري آئين کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ھي حڪومت به ساڳي گيم ڪري رھي آھي، تڏھوڪي حڪومت سائفر ۽ سازشن جا بھانا ڪري آرٽيڪل 5 جا حوالا ڏئي ڪرسي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ھاڻوڪي حڪومت به ملڪي حالتن جا حوالا ڏئي اليڪشن نه پئي ڪرائي. اليڪشن جو معاملو سياسي رھنمائن جو ضد بڻجي چڪو آھي، جنھن جي آئين پاڪستان اجازت نٿو ڏئي، ڇاڪاڻ جو آئين پاڪستان حڪم ڏئي ٿو ته 90 ڏينھن ۾ اليڪشن ڪرايو ويندو ته ڪا به حڪومت توڙي پارٽي اھو نه ٿي چئي سگھي ته حالتون صحيح ناھن جو اليڪشن ڪرائجي ۽ آئين ۾ اھڙي گنجائش ھجي، اصل ۾ عمران خان جي اسيمبليون پنجاب اسيمبلي جنوري ۾ جڏھن ٽوڙي ته ان ئي اسيمبليءَ جي تحليل ڪرڻ جي پٺيان اھو ئي سبب ھو ته، حڪومت مجبور ٿي اليڪشن ڪرائيندي. ان ڳالهه جو اظھار ھن پنھنجي بيانن ۾ ڪيو ھو.

 

ايڊووڪيٽ سوميه عثمان/ ايڊووڪيٽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ

ڪراچيءَ جو قيدي!

 

منهنجي غور ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي ته اهو ٻلو اڃا جيئرو آهي، ارمانيءَ پاڻيءَ واري ٽانڪي ۾ لهي ساڻي ٿيل ٻلي کي ڪڍي ڪاڙهي ۾ رکيو، پوءِ ملان نثار ان کي کير وغيره پياري تيار ڪيو. پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ شايد اهو ٻلو سموري رات ۾ پاڻيءَ ۾ ترندو رهيو آهي ان لاءِ هو اصلي بيهوش لڳو پيو آهي. قيدين گڏجي پاڻي واري ٽانڪي ڌوتي. ياسر عرفات (ابو موسيٰ) جو چوڻ آهي ته هر 15 ڏينهن کان پوءِ ان ٽانڪيءَ ۾ ڪا ٻلي ڦٽي ڪري ڇڏڻ گھرجي. ان بهاني ٽانڪيءَ جي هلو صفائي ته ٿيندي رهندي. آرمس جي سخت ورزش کان پوءِ ڪالف جي ورزش جي تياري ڪري رهيو هئس ته ملان نثار اچي کوليءَ جي در تي سلام ورايو، هُن راز داريءَ سان چيو ته احسان مهر جي خلاف هڪ عدد درخواست لکي ڏي. مون سبب پڇيومانس ته چيائين ته منڇي آصف پٺاڻ جي معرفت 10 لک رپين جي گھُر ڪري رهيو آهي. ٻي صورت ۾ منهنجي ملاقاتين کي تنگ ڪندو. ملان چيو ته هي سڀني کي شاهه رخ جتوئي سمجھيو ويٺو آهي. ياد رهي ته شاهه رخ جتوئي ويندي ويندي به هڪ عدد ڪار احسال ولد روشن مهر (جيلر) کي ڏئي ويو. ان ڪار ۾ شاهه رخ جو سامان ٻاهرران ايندو هو. رحيم کي ابو موسيٰ کان ڪيٽل ته ملي ويو پر هاڻ ان لاوارث قيدي وٽ تار هڻائڻ جا پئسا ڪو نه هئا جيڪي مون هن کي ڏنا. هينئر رڳو ڪاڪي مسعود ۽ جن پٺاڻ جي ڳالهائڻ کان سواءِ سج لٿي جي ٻانگ ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي ۽ آئون رشيد لاءِ پريسان ٿي رهيو آهيان، خبر ناهي ڇو هُن ملاقات تي اچڻ ۾ ايڏي دير ڪري ڇڏي آهي. (شام جا 08:20 06 مئي،2023). شيو ڪرائي اڃا بس ئي مس ڪيم ته ملاقات جي پرچي اچي وئي، جلدي جلدي ۾ مامي منٺار مهر (وارڊ عملدار) سان گڏ ملاقات روم ۾ ويس جتي اسد علي ۽ رشِد ڏيٿي کي ڏسي تمام گھڻي خوشي محسوس ٿي. اسد کي مون وڪيل اوم پرڪاش صاحن سان ملڻ جي هدايت ڪرڻ کان پوءِ چيو ته نديم الحق وڪيل سان به فون تي رابطو ڪر ۽ هُن جي جيل وارن تي پٽيشن هئڻ جي فيس به ادا ڪري ڇڏ. مون چيو ته ڪراچيءَ جا ڪم رشيد ڏيٿي، باقي حيدرآباد ڄاڻي تون ڄاڻين. اسد چيو ته ماسات مير مرتضيٰ (وڪيل) مليو هو جيڪو توهان جي راضي نامي جو تذڪرو ڪري رهيو هو، مون مُرڪي بس ايترو چيو ته الله اُن کي جزا خير ڏئي. رشيد کي شعر ٻڌايم ته:

تیرے خیالوں سے دامن بچاکے دیکھا ہے، دل و نثر کو بهت آزماکے دیکھا ہے،

نشاط جاں کی قسم، تو نهیں تو کچھ بھی نهیں، بهت دنوں تجھے ہم نے بھلاکے دیکھا ہے۔

ملاقات کان پوءِ اچي چڪر ۾ علم الدين کوسي سان ڪچهري ڪيم. سموري 4بي جي قيدين کي گھران آيل ماني ۽ فروٽ وغيره کاراي، پر پاڻ ڊنر به ڪونه ڪيم ڇو جو پرين جا ڳوٺاڻ سلام ڪونه آيا آهن.

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل ڪراچي (10 اپريل، 2023)

منشيات فروشي جهڙي لعنت جي خاتمي لاءِ!

 

هيروئن، چرس، آفيم سان گڏ هاڻي نوان نشا گٽڪو، مين پڙي، مائو، آئيس ۽ زيد 21 جي نشي واري عادت نوجوان نسل کي لاعلاج مرضن طرف ڌڪي موت جي ور چاڙهڻ جي راهه ڏيکاري ڇڏي آهي، منشيات فروش اسمگلرن هيروئن چرس ۽ آفيم بجاءِ گٽڪو مين پڙي مائو ۽ زيد 21 جي اسمگلنگ شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن لاءَ ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ انهن جي تياري لاءَ ڪارخانا وجود ۾ اچي ويا آهن، پوليس جي اسپيشل برانچ جي رپورٽ موجب لاڙڪاڻي ۾ 34 سکر ۾ 35 بينظير آباد ۾ گٽڪو تيار ڪرڻ جا 84 ميرپورخاص ۾ 102 حيدرآباد ۾ 530 جڏهن ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 151 ڪارخانا ڏينهن رات ان زهر جي تياري ۾ مصروف عمل آهن، پوليس اسپيشل برانچ جي رپورٽ موجب ماضي ۾ زيڊ 21 نشو انڊيا ۾ تيار ڪيو ويندو هو، جيڪو افغانستان رستي بلوچستان پهچايو ويندو هو، جڏهن ته ان زهر جنهن جي سڀ کان وڏي منڊي سنڌ خاص طور شهري علائقو جتي پان جو استعمال ڪلچر جو حصو هو جنهن جي جاءِ ان نشي زيد 21 ورتي، پوليس کاتي جي ڊپارٽمينٽل رپورٽ موجب زيد 21 نشي سان ڀريل ٽرڪ کي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ منتقل ڪرڻ جي رشوت هڪ ڪروڙ رپيا ٻڌائي پئي وڃي، جنهن ڪاروبار کي سرپرستي سياسي عنصرن کان سواءِ خود پوليس کاتي جا اعليٰ عهدن تي ويٺل آفيسر مبينه طور ڪندا رهن ٿا. پوليس موجب ان نفعي بخش ڪاروبار ۾ ايتري چمڪ آهي جو پوليس ڪارروائي بعد ۽ سزا باوجود به اسمگلر جنهن ڪاروبار کي بند ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن ۽ انهن جي پوليس سان جنگ جاري رهي ٿي، جنهن لاءِ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ان زهريلي نشي جي خاتمي لاءِ اسپيشل ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي جن طرفان سنڌ ۾ ڪارروايون جاري آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٽاسڪ فورس کي خودمختيار ڏني وئي آهي، جيڪا ڪنهن به ٿاڻي جي حدن ۾ ڪارروائي جي مجاز آهي جنهن ڪري ٽاسڪ فورس جي ڪاررواين نتيجي ۾ سنڌ ۾ ان زهريلي نشي جي نيلامي ۾ گهٽائي آئي آهي پر لڪ ڇپ ۾ اهو ڪاروبار گهڻن ماڻهن جو هلندڙ آهي، جنهن لاءِ گهڻن ٿاڻن جا ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي معطل ڪيا ويا آهن، بهرحال آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران منشيات فروشي جهڙي لعنت جي خاتمي لاءِ ڪيل ڪوششن کي عوامي سطح تي حمايت حاصل آهي ۽ سول سوسائٽي پاران آءِ جي پوليس جي منشيات فري سنڌ واري قيام کي ساراهيو ويو آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنو عاقل

 

سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن جو اصل سبب تعليم نه هئڻ آهي!‎‎

 

سنڌ جيڪا صوفين جي ڌرتي آهي، اتر سنڌ ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، سکهر ۾ قبيلائي تڪرار جو اصل سبب آهي، تعليم جو شعور گهٽ هئڻ ڪري ٻيو وري ڪورٽن ۾ انصاف دير سان ملڻ ڪري قبيلائي تڪرار ٿيندا آهن، چوندا آهن ته قلم ۾ ايتري ته طاقت آهي جيڪو بندوق کان وڌيڪ طاقتور آهي، تعيلم انسان جي ٽين اک آهي، تعليم جو شعور نه  هئڻ ڪري اتر سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ٿيندا رهندا آهن، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي انهن قبيلائي مئسلن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪا جوابداران کي گرفتار ڪري سزا ڏئي ته جيئن ٻيو ڪو ماڻهو اهڙو قدم کڻڻ کان اڳ سوين ڀيران سوچي. جوھيءَ جو جيالو ھر مرض جي دعويٰ طور سڃاڻپ رکندڙ وارڊ نمبر 7 جو ڪائونسلر  بارداني کان وٺي ٻوڏ جي ڊيزل به کائي ويو، نالين جا پئسا ھڙپ ڪري ويو، ان سان گڏ ڪلھ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ من پسند ماڻهن ۾ راشن تقسيم ڪيائين ۽ اڌ کان وڌيڪ واپس کڻائي ڪارخاني تي وڪري جي مال جو بورڊ هڻائي ڇڏيائين، جڏھن ته حقدار ٻوڏ متاثر ۽ معذور ماڻهو به دانھون ڪندا رھيا پر هن ڪائونسلر کي انهن جي بلڪل به رحم نه آيو. پوليس به پنھنجو حصو کڻي وئي پر حقيقي ٻوڏ متاثرين کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

صدام لاشاريءَ جو قتل ۽ جدوجهد ڪاميٽي!

 

پوليس هٿان شهيد ڪيل ٺُل واسي نوجوان صدام لاشاري جي قتل ٿيڻ تي ٺُل سميت سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي، سنڌ جو شعور ۽ ٺُل جو شعور هڪ ڀيرو ٻيهر ناحق وهايل رت تي جاڳي پيو آهي. هفتو اڳ ٺل جو سوشل ورڪر ۽ شاعر صدام لاشاريءَ کي ٺُل پوليس کنڀي کڻي وڃي جُڙتو مقابلي ذريعي قتل ڪيو هو. مقتول جو مڙھ گهر پهچڻ تي سندس گهر اندر ٻائيتال مچي ويو هو. سندس ماءُ ۽ ڀينريون پار ڪڍي روئي رڙي رهيون هيون، وارثن شهيد جو مڙھ شهر جي چوڪ تي رکي ڌرڻو هنيو، جتي هن جي وراثن پوليس مٿان الزام هنيو ته پولس سندس نوجوان کي گرفتار ڪرڻ بعد مٿس تشدد ڪري مبينا طور مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو آهي، هو بيڏوهي آهي، پوليس سندس آزادي واسطي رشوت به گهري هئي، آزادي عيوض رشوت جا پئسا نه ڏيڻ تان کيس بيدرديءَ سان تشدد بعد گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. اهڙي ردعمل بعد ٺُل جو شعور جاڳي پيو آهي. جدوجهد ڪاميٽي شهيد صدام لاشاري جي ناحق قتل تي سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي ۽ ڏسندي ڏسندي سوشل ميڊيا تي صدام لاشاري جي قتل خلاف پوري سنڌ جي ماڻهن، وڪيلن، سياسي، سماجي تنظيم جي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي ادارن مذمتي بيان جاري ڪيا ۽ هن جي قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو آهي. ٺل جي جدوجهد ڪاميٽي فقط ڪاميٽي يا تنظيمن جو گروپ نه آهي پر هڪ تحريڪ آهي ۽ گڏيل تحريڪ جو نالو آهي، جنهن پنهنجي عملي جدوجهد جي ذريعي ٺُل جي قومي ڪارڪن ۽ بيڏوھ قتل ڪيل شهيد قائم الدين سرڪي جي قتل خلاف تحريڪ هلائي ۽ سمورا قاتل گرفتار ڪرايا. هي ڪاميٽي ٺُل کي پيئڻ جو پاڻي ڏيارڻ سميت سماجي مسئلن تي به ڀرپور آواز بلند ڪري رهي آهي. تازو قتل ڪيل شهيد صدام لاشاري جي قتل خلاف ۽ قاتلن کي بي نقاب ڪرڻ واسطي ميدان تي لهي پئي آهي. هڪ پاسي شهيد جي وارثن ۽ ٺل جي شعور شهيد صدام کي بيڏوھ قرار ڏنو آهي ته ٻئي طرف پوليس پاران مٿس 2011ع کان مختلف ڪيس ظاهر ڪري ڏوهاري ثابت ڪرڻ جي ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ سوين سوال اٿاري ڇڏيا آهن ته ڇا 2011ع کان 14 سالن جي عمر ۾ ڪو ھيڏا ڏوھ ڪري سگهي ٿو؟ ۽ جيڪڏهن هو ڏوهي آهي به ته کيس کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها، عدالت ئي هن کي سزا ڏئي ها. پر هن جو قتل عدالت کان مٿانهون قتل آهي پر هن جو ڏوھ اهو هو ته هو غريب هو، هن وٽ پنهنجي آزاديءَ جا پئسا ڪو نه هئا، هو سوشل ايڪٽوسٽ هو. سماجي براين تي ڀرپور لکندو هو، جيڪو سندس شهادت جو سبب بڻيو آهي.

 

تبسم کوسو/ باهو کوسو

محافظن هٿان اڃا ڪيترا قتل ٿيندا؟

 

جعلي پوليس مقابلن جي ڀر مار جاري آھي، تازوئي ٺل ۾ سوشل ورڪر صدام لاشاري کي جُڙتو پوليس مقابلو ڏيکاري قتل ڪيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس خلاف فيس بڪ تي ڪمينٽ لکڻ تي کيس ڪوڙي مقابلو ڏيکاري قتل ڪيو ويو آهي. سنڌ پوليس پاران فل فراءِ يا ھاف فراءِ وارو فارمولو ايجاد ڪيل فارمولي کي پوليس ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي، بيدادي نگري، چرٻٽ راجا وارو دور ھلي رھيو آھي، بي گناھ ماڻھن کي گرفتار ڪري پرائيويٽ جڳھن تي رکي ڳري رشوت طلب ڪئي پئي وڃي يا وري سردارن وڏيرن کان رشوت وٺي انھن جي ونگار وھندي ڪيترن ئي نوجوانن کي ڪوڙن مقابلن ماريو پيو وڃي، پوليس پاران ڪيترن ئي نوجوانن کي ڪوڙن مقابلن ۾ معذور بڻايو ويو آھي جيڪڏهن ڪو ڏوھاري به آھي ان لاءِ قانون موجود آھي، ھتي لاقانونيت عروج تي پھتل آھي ھتي خراب حڪمراني وارو دور ھلي رھيو آھي ھڪ پاسي ڌاڙيلن جي ڏوھي وارداتن ۾ اضافي ٿي ويو آھي، اغوائن ڦرن عورتون  ٻارڙن کي به اغوا ڪيو پيو وڃي ڌاڙيلن ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو ۽ قبيلائي جھيڙن ۾ بي گناھ ماڻھو قتل ٿي رھيا آھن، ٻئي پاسي پوليس به بي گناھ ماڻھن ماري فل فراءِ، ھاف فراءِ وارو رامو ڪري رھي آھي. عدالتن کان مٿانهان قتل ٿي رھيا آھن. ھر طرف رڳو مارا ماري لڳي پئي آھي. سنڌ مقتل گاھ بڻجي چڪي آھي، بي گناھ قتل ٿيندڙ ماڻھن جي وارثن جون احتجاجي پڪارون روڊن تي گونجي رھيون آھن، روڄ راڙو متل آھي مطلب ننگي جارھيت ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي ڪوڙن مقابلن ۾ معذور ۽ قتل ٿيندڙ بي گناھ جو اعلا عدالتون ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم  نوٽيس وٺن جيئن گھٽ ۾ گھٽ ڪُوڙن پوليس مُقابلن کي روڪي سَگھجي. اسان اَھڙو سسٽم ڪنھن به صُورت ۾ قبول نه ڪنداسين ته وڏيرا، ڀوتار، نام نهاد نواب، صوبيدار، نج ڪرمنلز، سردار ۽ ڪي جلاد ايس ايس پي جنھن وقت به چاھين ته مارائي ڇَڏين ھاف فرائي فل فرائي بند ڪيو وڃي اھا انساني حقن جي لتاڙ آھي جيڪا ٿئي پئي.

 

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

 

سنڌ ۾ نئين تعليمي سال ۽ امتحانن جي شيڊيول ۾ تبديلي جي ضرورت!‎‎

 

ھن وقت سڄي سنڌ ۾ نائين ڏھين ۽ يارھين ٻارھين ڪلاس جا امتحان ھلندڙ آهن ۽ سڄي سنڌ سخت گرمي جي ليپٽ ۾ آيل آهي، سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بنيادي سھولتون اڳ ۾ ئي اڌوريون ۽ اڻپوريون آهن ۽ بجلي ته آهي ئي ڪو نه، ٿڌي پاڻي جو انتظام ته پري جي ڳالھ آهي پر پئيڻ جو پاڻي ئي ميسر نه آهي، جيڪڏهن ڪٿي بجلي آهي ته ان اسڪول ۾ پکا نه ملندا، اھڙين ڏکين حالتن ۾ ڪيترائي شاگرد بي ھوش ٿيا آهن ۽ هڪ شاگرد ته ويچارو فوت به ٿي ويو آهي، سخت گرمي سبب امتحان ڏيندڙ شاگرد جي فوت ٿيڻ جي خبر به آهي. شاگرد ملڪ جو قيمتي اثاثو هوندا آهن، جيڪڏهن اھي اھڙين ڏکين ترين حالتن ۾ امتحان ڏيندا ته نتيجا ڪھڙا نڪرندا؟ اھو ھر سمجھدار سٺي نموني سمجهي سگهي ٿو. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته نئون تعليمي سال اھڙي طرح سان ترتيب ڏئي جو امتحان جي موسم فيبروري ۽ مارچ ٻن مھينن ۾ مڪمل ٿئي ته جيئن شاگرد خوشگوار موسم ۾ امتحان ڏئي سگهن ۽ ان کان سواءِ جون جولاءِ جي ٻن مھينن جي موڪل ڪرڻ جي بجاءِ ھڪ مھينو موڪل ٿيڻ گهرجي ۽ ھڪ مھيني کي رمضان المبارڪ ۾ ايڊجسٽ ڪيو وڃي ڇو ته رمضان المبارڪ ۾ پڙھائيءَ جو عمل تمام گهڻو سست ٿي ويندو آهي ۽ ان ۾ موڪلون به تمام گھڻيون هونديون آهن. سنڌ جي تعليم جو حال ته اڳ ۾ ئي پورو سارو آهي ان جي تباهي ۾ وڏو ھٿ خراب موسمي حالتن جو به آهي، گرمين برساتن ۽ ٻوڏن سبب اسڪول يا ته ٻوڏ متاثرن جي رھائيش لاءِ استعمال ٿين ٿا يا وري ڪري پون ٿا يا وري ٻوڏ جي پاڻي ھيٺ ھوندا آهن. گرمين سبب پڙھائي به سخت متاثر ٿئي ٿي، ان ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مناسب تبديليون آڻي تعليمي عمل کي سولو ۽ سهل بڻائي ته جيئن تعليم کاتي ۾ خرچ  ٿيندڙ وڏي رقم جو صحيح استعمال ٿي سگهي.

 

شھزاد علي ڪٻر/ ڳوٺ باگووداداڻي، ٽنڊو آدم

2001ع وارن پرائمري استادن کي ڪڏھن جائز حق ملندا؟‎‎

 

سنڌ جي تاريخ ۾پهريون ڀيرو ميرٽ تي ڀرتي IBA ذريعي لکت اور زباني ٽيسٽ پاس ڪندڙ 2001ع جا لڳ ڀڳ 3500 پرائمري اسڪول ٽيچرز جيڪي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيا ويا هئا چار سالن بعد انهن استادن کي ريگيولر ڪيو ويو، اُنھن ميرٽ تي ڀرتي استادن جا چار سالن جا ساليانا اينڪرز مينٽس غصب ڪيا ويا جولاءِ جي واڌو الائونسز به نه ڏنا ويا چار سالن جو رڪارڊ سروس بڪ مان غائب ڪيو ويو، اڳ وارن استادن PTC. C. T. B.ED. M.ED  وغيره تائين جا سڀ انڪرمينٽون حاصل ڪيون هيون پر 2001 وارا پي ايس ٽي اُنھن کان به محرور رکيا ويا، جيئن ته هاڻي پرائمري اسڪول استادن کي اپگريڊ ڪري 14 گريڊ ڪيو ويو آھي پر افسوس 2001ع وارا پرائمري استاد ساڳي گريڊ ۾ آهن ۽ اپگريڊيشن صرف نون استادن لاءِ اهي؟ اسين سيڪريٽري تعليم ۽ وزير تعليم سنڌ کان مودباڻو مطالبو ٿا ڪريون ته 2001ع وارن پرائمري استادن کي 2001ع سينارٽي ڏني وڃي، گذريل چئن سالن واريون رهيل پگھارون ۽ رهيل مراعتون به ڏنيون وڃن ۽ اُنھن جا ديفرنس بل منظور ڪيا وڃن ته جيئن انصاف جو تقاضو پورو ٿي سگھي.

 

عبدالصمد کوسو /ڳوٺ مولوي سراج الدين کوسو، ڪشمور