سوال/سروي سنڌ سڀ کان گهڻو وفاق کي ٽيڪس ڏنو آهي ۽ ان جي بدلي ڪجھه نه ٿو ملي: عوام

0
214
سوال/سروي سنڌ سڀ کان گهڻو وفاق کي ٽيڪس ڏنو آهي ۽ ان جي بدلي ڪجھه نه ٿو ملي: عوام

   ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ مان 23کرب 52 ارب 3 ڪروڙ ٽيڪس وصولين جو اعتراف ڪيو ويو آهي، سنڌ کي موٽ ۾ وفاق کان ڇا مليو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته هميشه سنڌ ئي سڀ کان گهڻو وفاق کي ٽيڪس ڏنو آهي ۽ ان جي بدلي سنڌ کي ڪجھه نه ٿو ملي، گئس به پورو نٿو ملي، پاڻي به بند ڪيو ٿو وڃي، ناڻي ۾ به پورو حصو نٿو ملي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مير صابر ڪولاچي لکيو ته سنڌ مان گئس ۽ پئٽرول نڪري ٿو ان باوجود به سنڌ کي نوڪريون ته پري جي ڳالھه جنھن شھر جنھن ڳوٺ مان گئس پئٽرول نڪري ٿو انھن کي ترقي نه ڏياري وئي آھي، حيدر سهندڙو لکيو ته هميشه سنڌ ئي سڀ کان گهڻو وفاق کي ٽيڪس ڏنو آهي ۽ ان جي بدلي سنڌ کي ڪجھه نه ٿو ملي،

حاڪم ڪٽوهر لکيو ته وفاقي حڪومت هر هنڌ سنڌ کي لٽيو آهي،، اعجاز کوسو لکيو ته سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو  ٿو وڃي، محمد حنيف خاصخيلي لکيو ته بدلي ۾ وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري ٿو، عبدالرحمان چانگ لکيو ته هميشه وفاق سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، عطاءُالله لکيو ته وفاق کي سنڌ سدائين ڪمائي ڏني آهي موٽ ۾ وفاق سنڌ سان ناانصافيون ڪندو رهيو آهي، قادر بخش زئور لکيو ته موٽ ۾ بک بدحالي غربت ملي، آسن داس لڇواڻي لکيو ته پاڪستان جي دل سنڌ آھي، بدلي ۾ سنڌ کي ڪجھه ڪونه مليو، نظير احمد لکيو ته وفاق سدائين سنڌ سان ناجائزيون ڪيون آهن، خاموش خليل شر لکيو ته وفاق سنڌ مان ٽيڪس ته اوڳاڙي ڪري ٿو، پر سنڌ جي آمدني ذريعن سان نا انصافي ڪري رهيو آھي، علي بخش شر لکيو ته سڄي سنڌ سون آهي،

علي بخش شر لکيو ته سنڌ سان نا انصافي ڪئي ٿي وڃي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته سنڌ سدائين وفاق کي ڪمائي ڏنو آهي پاڻي گئس تيل نوڪرين مان به سنڌ کي پنهنجو حصو نه ٿو ڏنو وڃي، علي رضا وڻجارو لکيو ته سنڌ کي وفاق کان بک بدحالي مهانگائي سنڌجي پاڻي تي ڌاڙي کانسواءِڪجهه  ناهي ڏنو، ظفر رند لکيو ته سنڌ کي موٽ ۾ 23 سيڪڙو بجيٽ ڏني ويندي. محمد حنيف لکيو ته ايترو ٽيڪس روينيو ڏيندڙ سنڌ جي ماڻهن جو حال تمام خراب آهي گهڻي غربت به سنڌ ۾ آھي. بشير ميراڻي لکيو ته سنڌ سدائين وفاق کي ٽيڪس ادا ڪيو آهي پر موٽ ۾ سنڌ کي ڪجهه به نٿو ملي، گلشير سومرو لکيو ته سنڌ کي ڪجهه ناهي مليو، شرف الدين ڪيريو لکيو ته وفاق سنڌ حڪومت کي ان جي موٽ ۾ ڪجهه به ناهي ڏنو، جنيد جمالي لکيو ته سنڌ ۾ سڄي ملڪ کان وڌيڪ مهانگائي ۽ بيروزگاري آھي، علي گوهر سومرو به سروي ۾ حصو ورتو، سنڌ جي ماڻهن کي ديوار سان لڳايو ويندو آهي، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويندو آهي، حمير گل راڄپر لکيو ته بک بدحالي ملي آهي،

عاشق حسين لکيو ته سنڌ جو عوام ساڳين مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، منظور زرداري لکيو ته ايترو ٽيڪس وصول ڪرڻ کان پوء به وفاق طرفان سنڌ کي نظرانداز ڪيو آهي، محمد ايوب لکيو ته اگر سنڌ کي ڪجھه ملي به ٿو ته استعال ڪٿي پيو ٿئي، پيئڻ جو صاف پاڻي صحت ،تعليم ،روڊ رستا مسئلا ته جيئن جو تيئن آھن؟، عرفان چانڊيو لکيو ته سڀ هڪجهڙا آهن، عامر کوسو لکيو ته تيل گئس معدني وسيلا ڪوئلو بندرگاهه ذريعي ٽيڪس سنڌ ڏئي ٿي، موهن لال لکيو ته سنڌ ڪمائي ٿي باقي صوبا کائين ٿا، وفاق 53 کرب 52 ارب 3 ڪروڙ جي ٽيڪس اوڳاڙي سنڌ کي موٽ ۾ پورو حصو به نه مليو، اياز علي راهوجو لکيو ته وفاق رڳو ڏک ڏنا آهن، شاندار احمد مغل لکيو ته موٽ ۾ سنڌ کي ڪجهه ناهي مليو، خان بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، سنتوش ڪمار به سروي ۾ حصو ورتو، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته وفاق پنهنجو حصو وٺي رهيو آهي باقي سنڌ جو حصو سنڌ حڪومت حوالي آهي،

بابر ستار هاليپوٽو لکيو ته ڪجھ به نٿو ملي هتي گئس، پجلي، پاڻي به بند ڪيو ويندو آهي، اسلم سمون لکيو ته سنڌ سان نا انصافي ڪئي ٿي وڃي، ذوالفقار علي آدماڻي لکيو ته سنڌ اهو واحد صوبو آھي جيڪو گئس تيل ۽ ڪوئلو وفاق کي ميسر ڪري ٿو پر موٽ ۾ وفاق ٽڪو به ڪانه ڏيندو آھي، عابد حسين لغاري لکيو ته سنڌ سان جيڪا ويڌن هن حڪومت ڪئي آهي تنهن جو 74 سالن جي تاريخ ۾ نٿو ملي، عبدالله شيخ لکيو ته سنڌ سدائين سور کاڌا آھن، يار محمد ميمڻ، ساگر امير حيدر، جاويد احمد به سروي ۾ حصو ورتو. ضمير حسين وسطڙو لکيو ته موٽ ۾ گئس صرف پنج ڪلاڪ بغير پريشر جي ملي ٿي، سنڌ جو پاڻي بند هجي ٿو، جمال الدين چنا لکيو ته آخر سنڌ سان ايترو ظلم ڇو؟ عابد ڀٽي لکيو ته ناجائزي ٿئي ٿي، جبار لغاري، راشد الطاف، معشوق علي باگراني، ذيشان علي جسڪاڻي، جميل احمد سهتو، نياز سومرو، مير نثار علي، حاجي محمد جهاڳورو، حاجي خان پنهور، بخت گوپانگ، مهاوير ٽيڪواڻي ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.