سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 980 نوان ڪيس ظاهر، 14 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

0
257
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 980 نوان ڪيس ظاهر، 14 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 980 نوان ڪيس ظاهر، 14 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 10794 مريضن ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتيابي ماڻي ورتي آهي.

ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪورونا صورتحال بابت پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت 29489 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 28820 مريض گھرن ۾، 33 مريض آئسوليشن سينٽرن ۽ 636 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن. 567 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن مان 55 مريض وينٽيليٽر تي آهن.

24 ڪلاڪن دوران رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ 389 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، حيدرآباد ۾ 107، شهيد بينظير آباد ۾ 40، سانگھڙ ۾ 35، خيرپور ۾ 33، بدين ۾ 32، ڄامشوري ۾ 31، ٽنڊومحمد خان ۾ 30، ٽنڊوالهيار ۾ 29، مٽياري ۽ نوشهروفيروز ۾ 27_27، ميرپورخاص ۾ 26، ڪشمور ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ 23_23، عمرڪوٽ ۽ قمبر ضلعن ۾ 18_18، شڪارپور ۾ 14، گھوٽڪي ۽ سکر ۾ 13_13، جيڪب آباد ۾ 11، لاڙڪاڻي ۾ 10، دادو ۾ 5 ۽ ٺٽي ضلعي ۾ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي.