ويرات ڪوهلي جو ٽي-20 ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٽيم جي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان

0
297
ويرات ڪوهلي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان
ويرات ڪوهلي جو ٽي-20 ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٽيم جي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتاني به ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڪپتان ويرات ڪوهلي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو هڪ رانديگر طور ٽي 20 ۾ سليڪشن لاءِ موجود آهي، پر ورلڊ ڪپ بعد ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتاني ڇڏي ڏيندس.

هن واضح ڪيو ته هاڻ پاڻ مٿان بار گهٽائڻ جو وقت اچي ويو آهي، رڳو ٽيسٽ ۽ ون ڊي ٽيمن جي قيادت ڪندس.