ڪراچي ۾ نجي اسڪول انتظاميا طرفان ٻارن جي سامهون والد تي تشدد، وڊيو وائرل

0
331
ٻارن جي سامهون والد تي تشدد
ڪراچي ۾ نجي اسڪول انتظاميا طرفان ٻارن جي سامهون والد تي تشدد، وڊيو وائرل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نجي اسڪول انتظاميا طرفان ٻارن جي سامهون والد تي تشدد، وڊيو وائرل، اسڪول انتظاميا جاچ ٽيم کي به دروازي تي روڪي ورتو.

ماڊل ڪالوني ملير ۾ واقع سمارٽ اسڪول انتظاميا طرفان ٻارن سامھون والد تي تشدد ڪيو ويو، متاثر شخص وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز نوٽيس ورتو ۽ معاملي جي جاچ لاء 3 رڪني ڪاميٽي به قائم ڪئي.جاچ ٽيم ڄاڻايل اسڪول پھتو ته انتظاميا دروازو ئي نه کوليو.

جاچ ٽيم موجب اسڪول انتظاميا جو رويو درست ناهي، معاملي جي غيرجانبداراڻي جاچ ڪئي ويندي. ٻڌايو پيو وڃي ته فيس نه ڏيڻ تان انتظاميا ٻارن کي اسڪول مان نيڪالي ڏني، جنهن تي اعتراض ڪرڻ تان ٻارن سامهون والد کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو