سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 42 سيڪڙو کان وڌي وئي

0
273

حيدرآباد: سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 42 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي، سنڌ پاران ارسا کان چشما بئراج ڊائون اسٽريم تي پاڻي لاءِ نئون انڊيٽ جاري ڪيو ويو آهي. چشما بئراج ڊائون اسٽريم وٽ سڀاڻي کان هڪ لک 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي طلب آهي جڏهن ته پنجاب ارسا جي هدايتن کي هوا ۾ اڏائيندي ٽي پي لنڪ ڪئنال کولي ڇڏيو، جنهن تي سنڌ پاران سخت احتجاج ڪيو ويو. ڊائريڪٽر ريگيوليشن پاران پنجاب تي ٽي پي لنڪ ذريعي وڌيڪ پاڻي کڻڻ جو الزام هنيو ويو، سندس چوڻ هو ته لنڪ ڪئنال فوري طور بند ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.