ٽي ايل پي تان پابندي هٽائڻ لاءِ وفاقي ڪابينا پاران ڪميٽي قائم

0
205

اسلام آباد: سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وفاقي ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان مٿان پابندي هٽائڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته ڪميٽي ٽي ايل پي پاران پابندي هٽائڻ لاءِ ڏنل درخواست جو جائزو وٺندي ۽ پنهنجون سفارشون ڪابينا کي موڪليندي. ڪابينا پاران ڪيل ٻين فيصلن بابت ٻڌائيندي وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ جي سيڙپڪارن لاءِ خصوصي بزنيس ويزا جي منظوري ڏني وئي آهي، پي ٽي وي جي نون بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري ڏيڻ کانسواءِ ڪينٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن جي منظوري پڻ ڏني وئي.