سنڌ ۾ 8 ٿيندي ئي بنا ضرورت گهران نڪرڻ واري پابندي تي عملدرآمد شروع

0
335
ڪورونا جي پکيڙ ۾ واڌ

ڪراچي: سنڌ ۾ رات جا 8 ٿيندي ئي نيون ڪورونا پابنديون شروع ٿي ويون آهن، اڄ رات 8 وڳي کانپوءِ بنا ضرورت ماڻهن کي گهر کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ناهي. گاڏين جي حرڪت تي به پابندي آهي ۽ ضروري ڪمن لاءِ گاڏين ۾ صرف هڪ فرد سان وڃڻ جي اجازت آهي. نين پابندين کي لاڳو ڪرڻ لاءِ پوليس چوڪيون مختلف هنڌن تي قائم ڪيون ويون آهن. صوبائي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ به سخت لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني انتهائي گهٽ آهي. ان کانسواءِ ڪراچي ۽ صوبي جي ٻين شهرن ۾ مارڪيٽ ۽ شاپنگ مال 6 وڳي بند ڪيا ويا. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته گاڏين ۾ گهمندڙ ماڻهن کي روڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن کي ضروري ڪم يا اسپتال وڃڻو آهي ته اجازت ڏني وڃي. وڏي وزير جي ترجمان موجب سج لهڻ کان پوءِ پارڪن ۾ روشنيون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ايس ايس پيز کي هدايت ڪئي آهي ته انهن پابندين کي هر صورت ۾ لاڳو ڪيو وڃي.