سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي، سنڌو ۾ پاڻي کوٽ 60 سيڪڙو تائين پهتي

0
291

ڪراچي: سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي، سنڌو ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 60 سيڪڙو تائين پهتي آھي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ واري اڏامڻ لڳي، 1991 واري پاڻي معاهدي تحت مئي جي مهيني ۾ ڪوٽڙي بيراج وٽ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي موجود هئڻ گهرجي

 هن وقت ڪوٽڙي بيراج ۾ رڳو 200 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي، حيدرآباد، ٺٽي، سجاول ۽ بدين سميت مختلف علائقن ۾ بيٺل فصلن ۽ ڪپهه کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جو خدشو آھي، سانگهڙ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 50 کان 60 سيڪڙو ۽ پڇڙيءَ جي شاخن ۾ کوٽ 80 سيڪڙو تائين وڃي پهتي

ٻئي پاسي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي بدترين کوٽ خلاف چوٿين ڏينهن به آبادگار ۽ سياسي سماجي تنظيمون سراپا احتجاج بڻيل آھن، سڪرنڊ، سن، فيض گنج، ڪرونڊي ۽ ٻٻرلوءِ ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا، جهڏو ۾ آبادگارن ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران ريلي ڪڍي وئي

ڪرونڊي ۾ ڌرڻي دوران هڪ آبادگار پاران پاڻ تي پئٽرل هاري باهه ڏيڻ جي ڪوشش، ماڻهن کيس روڪي ورتو، مظاهرين جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري زراعت تباهه ڪئي پئي وڃي

ھي به پڙھندا

سنڌو درياءَ جي پاڻي تي پهريون حق سنڌ جو آهي