سنڌو درياءَ جي پاڻي تي پهريون حق سنڌ جو آهي

0
283
سنڌو درياءَ جي پاڻي تي

رپورٽ: صدام ڪولاچي

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي، زراعت ته پنهنجي جاءِ تي تمام گهڻي متاثر ٿي آهي پر هاڻ صورتحال اُتي وڃي پهتي آهي جو ماڻهوءَ پاڻي ڍڪ لاءِ ترسي رهيا آهن

سنڌ جو اجتماعي شعور پاڻي کوٽ خلاف روڊن رستن، گهٽين، هر واهڻ وسطي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ سان گڏ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي به پاڻ ملهائي رهيو آهي

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي 50 سيڪڙو تائين پهتي آهي، گڊو بئراج کي پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي جڏهن ته سکر بئراج وٽ کوٽ وڌي 44.8 سيڪڙو ٿي چڪي آهي

پاڻي جي شديد کوٽ سبب ڪوٽڙي بئراج سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي رهي آهي ۽ پاڻي کوٽ 60 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي

پاڻي جي رڪارڊ کوٽ سبب سنڌ واسي سخت ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ اڪثر هنڌن تي پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ مجموعي کوٽ 52.8 سيڪڙو رڪارڊ ٿي وئي

سنڌ واسي سوشل ميڊيا تي“#SindhNeedsWater جي عنوان سان ٽرينڊ هلائي حڪمرانن کان پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن

صحافي ذوالفقار علي واهوچو لکيو ته پاڻي اسان جو بنيادي حق آهي، پاڻي نه ملندو ته اسان جئِي نه سگهنداسين، اسان جي زمين آباد نه ٿيندي ته اسان معاشي طور تباهه ٿي وينداسين، غربت، بک ۽. بيروزگاري اسان جو مقدر بڻجي ويندي

اختر ٻانڀڻ ٽوئٽ ڪيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو نه هڻو، سنڌ جا هاري پنهنجي حصي جي پاڻي جي گهر ڪن ٿا

رحمت تنيو لکيو ته سنڌ جي زراعت سنڌو درياءَ تي ڀاڙي ٿي، پر هن سال درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ شديد ٿي وئي آهي، جنهن سبب سنڌ واسين کي معاشي توڙي ماحولياتي نقصانن کي منهن ڏيڻو پوندو

زوهيب چانڊيو وزير اعظم پاڪستان ۽ ٻين وس وارين ڌرين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيو، زوهيب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي گذارش ڪئي آهي ته پاڻي کوٽ مامرو وفاقي حڪومت آڏو اٿاريو وڃي

خالد حسين لکيو ته دريائن بابت سمورا عالمي قانون اِن ڳالهه کي يقيني بڻائيندا آهن ته هر درياءَ جي پاڻي تي سڀ کان پهريون حق اُن جي ٽيل يعني پڇڙي جو هوندو آهي، سنڌو درياءَ جي پاڻي تي سڀ کان پهريان حق سنڌ جو آهي

شمس الدين زنئور جذباتي انداز ۾ لکيو ته هاري جي ڪوڏر، گهوٻي ۽ ڪهاڙي جو رخ تبديل ٿيڻ کپي

اسماعيل علي خواجه لکيو ته اسان منجھان هر هڪ پڙهيو لکيو سنڌي پاڻي جي کوٽ، واهن، دريائن ۽ سموري سنڌ جي تباهيءَ جي ذميواري حڪومتي ادارن ۽ حڪومتي عملدارن جي مٿان لاڳو ڪري پنهنجي قومي فرض کان آجو ٿي ويهي ٿو

ايڊووڪيٽ فاروق علي ڀٽو، حيدر علي شاهه، مير عمران جميل، وزير علي ڪولاچي ۽ ٻين هزارين صارفين ٽوئٽ ڪري سنڌ کي پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن

هن خبر جا وڌيڪ تفصيل شامل ڪيا پيا وڃن

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو کان وڌي وئي