لاڙڪاڻو: ايمرجنسي ۾ آيل مريض عورت کي اسپتال عملو ٻاھر ڪڍي ڇڏيو

0
145
لاڙڪاڻو: ايمرجنسي ۾ آيل

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) شيخ زيد اسپتال ۾ ايمرجنسي ۾ آندل مريض عورت جو آپرشن نه ٿيو، اسپتال عملو طبي امداد ڏيڻ جي بجاءِ عورت کي ئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، جنهن جي وارثن اسپتال ۾ اسٽريچر تي مريض عورت کي سمھاري احتجاج ڪيو

ميهڙ جي ڳوٺ اڄڻ واسي صدوران کي خراب حالت ۾ آپريشن لاءِ شيخ زيد عورتاڻي اسپتال آندو ويو جنهن جو آپريشن نه ڪيو ويو

آپريشن نه ٿيڻ ۽ اسپتال مان ٻاھر ڪڍڻ تي مريض عورت کي اسٽريچر تي کڻي شيخ زيد اسپتال جي مين گيٽ تي ڌرڻو ھنيو

احتجاج ڪندڙن چيو ته صبح کان وٺي اسان کي در بدر ڪيو ويو  آهي، عورت مرڻ تي آھي پر آپريشن نه پيو ڪيو وڃي

ڊاڪٽرياڻي اسان کي 2 رت جون ٿيلھيون چيون جيڪي اسان ڏنيون ان باوجود اسپتال مان ڌڪا ڏئي اسان جي مريض عورت کي ٻاهر ڪڍيو ويو

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻي جي اين آءِ سي وي ڊي ۾ جھيڙو، ھڪٻئي کي مارڪٽ